English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رمضان المبارڪ دوران ھٿرادو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
11th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
رمضان المبارڪ دوران ھٿرادو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ھٿرادو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. رمضان شريف جي خوشين ۾ غريبن کي بہ شامل ڪيو وڃي. حڪمرانن کي مزدورن، ھارين ۽ پورھيتن جو ڪو احساس ناھي. ذخيره اندوزي ۽ پئسي جي لالچ اسان جي سماج کي اڏوھي وانگر کائي رھي آھي. انسانيت شرمسار ٿي رھي آھي. سعودي عرب، پاڙيسري ملڪ ھندستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ رمضان شريف ايندي ئي شيون سستيون ڪيون وينديون آھن پر افسوس آھي جو اسان وٽ ان جي ابتڙ ناجائز اگھ وڌائي غريب ماڻھن لاءِ خوشيون ملھائڻ ۽ زندگي جو گاڏو ھلائڻ ناممڪن ڪيو ويندو آھي. اھو سلسلو انتھائي غير مھذب ۽ انسان دشمن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ وٽ قدرت ماء جي ھر نعمت آھي. ائين ٻيا صوبا بہ زرعي لحاظ سان بھتر آھن. باوجود ان جي اٽو، چانور، کنڊ سميت کاڌي پيتي جي ھر شئي مھانگي آھي. پيٽرول جون قيمتون آسمان کي پھتل آھن، بجلي ۽ گئس مھانگي آھي. ڪرپٽ حڪومتي سرشتي ۾ زندگي مھانگي ٿي وئي آھي. مير ماڻھو ھر شئي خريد ڪري سگھي ٿو باقي پورھيت طبقي جو ماڻھو لاءِ زندگي تنگ ڪئي وئي آھي. ڦورو ۽ استحصالي معاشي نظام پورھيت طبقي کي لٽي رھيو آھي. آئي ايم ايف جي ھدايتن تي جوڙيل معاشي نظام ملڪ جي پاڙن کي ڪمزور ڪري رھيو آھي. ملڪ تيزي سان بند گلي ڏانھن وڌي رھيو آھي. حڪمران لاتعلق آھن. ان جا نيٺ تہ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ لاقانونيت جو نظام آھي. ڪنھن بہ ماڻھو جي زندگي محفوظ ناھي. ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے