حيدرآباد ۾ جوابدار قانون جي شاگردياڻي کي قتل ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ بعد آپگھات ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي پاران جاچ ڪميٽِي قائم

حيدرآباد: قاسم آباد جي واڌو واه روڊ ڪار جوابدار موٽرسائيڪل آڏو گاڏي ڏيئي فائرنگ ڪري قانون جي شاگردياڻي يسره ڌيءِ رياض پٺاڻ کي قتل ۽ سندس ڀاءِ قانون جي شاگرد آڪاش کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار پاڻ کي گولي ھڻي آپگھات ڪري ڇڏيو، مقتولا جو لاش ۽ سندس زخمي ڀاءُ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي ايس ايس پي امجد شيخ اسپتال پھچي ويو، سندس چوڻ ھو تھ ڪار سوار ارشاد کوکر موٽرسائيڪل تي گذرندڙ قانون جي شاگرد ڀيڻ ڀاءُ آڏو ڏيئي کين روڪڻ بعد ڪار مان لھي مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ ناري يسرا تڏي تي مارجي وئي جڏھن تھ سندس ڀاءُ آڪاش زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار واقعي بعد پاڻ تي فائر ڪري آپگھات ڪري ڇيو، واقعي جي اي ايس پي بلديا جي سربراهي ۾ 4 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، ڪميٽي ۾ ڊي ايس پي قاسم آباد سيد حبدار علي شاهه، سي آءِ اي انچارج جاويد جلباڻي ۽ نسيم نگر پوليس پوسٽ جو انچارج نور مصطفيٰ ميمبر طور شامل ڪيا آهن، ڪميٽي مقتول شاگردياڻي يسرا بتول پٺاڻ جي قتل ۽ سندس ڀاءُ آغا آڪاش پٺاڻ جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪندي، ڪميٽي کي يسرا جي قتل ۾ ملوث جوابدار پاران آپگهات واري معاملي جي به جاچ جو حڪم ڏنو ويو، جاچ ڪميٽي ميڊيڪل رپورٽس، فرانزڪ رپورٽ ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن سان گڏ ڪيل شاهدين جي مدد سان هر رخ کي نظر ۾ رکي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد 7 ڏينهن ۾ رپورٽ فراهم ڪري.