ڪڻڪ خريد ڪري گم ڪندڙ واپاري مافيا خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن: اياز لطيف پليجو

ڪڻڪ خريد ڪري گم ڪندڙ واپاري مافيا خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن: اياز لطيف پليجو

ڪڻڪ خريد ڪري گم ڪندڙ واپاري مافيا خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جا سرڪاري مرڪز کوليا وڃن. ڪڻڪ خريد ڪري گم ڪندڙ واپاري مافيا خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن. خطرو آھي تہ سنڌ مان ڪڻڪ خريد ڪري افغانستان موڪلي ويندي، انڪري سنڌ حڪومت ڪڻڪ ٻين صوبن ۽ ٻاھر موڪلڻ تي پابندي لاڳو ڪري. جيڪڏھن ڪڻڪ جي ٻين صوبن ۽ ٻاھرين ملڪن ڏانھن چرپر تي پابندي لاڳو نہ ڪئي تہ سنڌ ۾ ڏڪاري حالتون پيدا ٿينديون. اٽو تمام گھڻو مھانگو ڪيو ويندو. غريب ماڻھو ھڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ 15 سال خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بي انتھا مھانگائي آھي. ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي. ڪرپٽ ماڻھن خلاف ڪا بہ ڪارروائي ناھي. جنھنڪري وزير ۽ بيوروڪريسي بي خوف ٿي ڪرپشن ڪري ٿي. ڪنھن کان ڪو بہ حساب ڪتاب ناھي. زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن. وسيلا نيلام ٿي رھيا آھن. شھر ۽ ڳوٺ منشيات جا ڍير ٿي ويا آھن. ڌاڙيل، ڦورو ۽ چور ديدا دليري سان ماڻھو اغوا، ڦرون ۽ چوريون ڪري رھيا آھن. بدامني جي ھن باھ کي ختم ڪرڻ حڪومت جي ايجنڊا ۾ ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت فوري طور تي ڌاڙيلن وٽ يرغمال ماڻھن کي بازياب ڪرائي امن امان کي بحال ڪرائي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آبادگارن کان سرڪاري اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪري سبسڊي ڏئي آٽو سستو ڪيو وڃي.