قمبر اڪائونٽس آفيس ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي لاڙڪاڻو پاران کلي ڪچھري منعقد

قمبر اڪائونٽس آفيس ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي لاڙڪاڻو پاران کلي ڪچھري منعقد

قمبر اڪائونٽس آفيس ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي لاڙڪاڻو پاران کلي ڪچھري منعقد

وڳڻ(رپورٽر) قمبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي پاران عوام جي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ، عبدالرؤف سومرو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر طارق علي، علي محمد مگسي شرڪت ڪئي. تفصيل موجب ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي ناڻي کاتي واري آفيس ۾ منعقد ٿيل کلي ڪچھري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا پنھنجا مسئلا جي پيش ڪيا. ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ پھتل عوام پاران پينشن، جي پي فنڊ ۽ پگهارن سميت مختلف معاملن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي علي اڪبر جاگيراڻي کي درخواستون پڻ ڏنيون، جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب عوام جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ ڪيترائي معاملا فوري طور تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا کليل ڪچھري دوران ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي ناڻي کاتي قمبر-شهدادڪوٽ جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ کليل ڪچهري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي تہ عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. کليل ڪچھري ۾ ميڊيا جي نمائندن پاران عوام جي جائز مسئلن جي حل ۾ ٿيندڙ دير واري سوال جي جواب ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالرؤف سومرو چيو تہ اسان پاران ڪوشش هوندي آهي تہ عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن پر عوام پاران مختلف کاتن کان ٽريزري آفيس کڻي ايندڙ ڪيس گهڻي قدر قانون موجب اڻپورا هوندا آهن جنھن سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي.ان موقعي تي مختلف ادارن جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.