سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار 4سنڌ واسين کي موت جي سزا، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار 4سنڌ واسين کي موت جي سزا، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

سعودي عرب ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار 4سنڌ واسين کي موت جي سزا، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

گاجي کهاوڙ واسي سميت 4 پاڪستانين کي سعودي حڪومت بنگالي جي قتل جي الزام هيٺ 4 ڄڻن جا سر قلم ڪري ڇڏيا، هڪ ڄڻو گاجي کهاوڙ جو رهواسي ٽي ڄڻا ميھڙ تعلقي جا رهواسي آھن، 4 ڄڻن جي غائبانا جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي، هي 14 سال اڳ گرفتار ٿيا هيا. سعودي عرب ۾ قتل ۽ ڦر جي واقعي ۾ ملوث 4 پاڪستانين جا سر قلم ڪيا ويا آهن سعودي گهرو وزارت موجب 4 پاڪستاني هڪ خانگي ڪمپني ۾ 14 سال اڳ بنگلاديش جي چوڪيدار انيس ميان کي مزاحمت دوران ان کي قتل ڪيو هو ان جي الزام هيٺ 4 پاڪستانين جنهن ۾ گاجي کهاوڙ جو رهواسي خالد پتوجو، ميھڙ جي رهواسي عبدالغفار ميربحر، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٺارو ڏيپر جي ٻن ڄڻن ارشاد علي ڏيپر ۽ عبدالمجيد ڏيپر کي 14 سال اڳ گرفتار ڪيو هيو جن تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سعودي حڪومت 14 سال بعد 4 ڄڻن جي سر قلم جي فتويٰ ڏئي انهن جا سر قلم ڪيا ويا آھن اهڙي خبر پوڻ تي قتل ٿي ويلن جي گهر ۾ ڪهرام آھي جڏھن ته چئن ڄڻن جي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ غائبانا جنازي نماز ادا وئي آھي ۽ تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي