نوشھروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاھرو

نوشهرو فيروز(ڊر) آءِ بي اي پاران 2021 ۾ ورتل جي اِي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي آصف علي رند، عبدالقيوم ڪيريو، نثار احمد لاشاري، نذير احمد ۽ ٻين ڪئي جن ٻڌايو ته 2021ع ۾ سنڌ حڪومت جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن لاءِ ٽيسٽ جيڪا ٽيسٽ ٿي ان ۾ ميرٽ تي پاس ڪندڙ بي روزگار نوجوانن کي حق نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت جي ريڪروٽمنٽ پاليسي مطابق اسان کي ٽن سالن اندر ڀرتي ڪرڻو هو پر 9 مهينا پهريان ڊي اِي او تعليم نا انصافي ڪندي اسان تمام اميدوارن کي بهانا بڻائي رولائي رهيو آهي ۽ بلاجواز اليڪشن ويجهو ايندي ان هلندڙ پراسيس کي فريز ڪري ڇڏيو هو. هنن چيو ته اسان محنت تي ۽ ميرٽ ٽيسٽ پاس ڪئي آهي اسانجي ڀرتي پراسيس کي فوري طور تي انفريز ڪري آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏني وڃي جيڪو اسان جو ويٽنگ ٽائم پيرڊ وڃايو ويو اهو هڪ سال وڌايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جي دائري کي وڌائينداسين ۽ اهو احتجاج ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان کي پنهنجو حق نه ملندو