نصيرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت اللھ لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سسئي لوھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ھڙتال

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد۾ مقتول هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاء ۽ قتل ڪيس داخل ڪرڻ لاء مقتول جي ڌي سسئي لوهار ۽ شهر جي سياسي سماجي ڌرين پاران علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي سسئي لوهار علي گل ڪانڌڙو دلدار ايري غفار چنو ۽ ٻين چيو ته ڪالهه چيف جسٽس سنڌ چيو آهي ته مقتول هدايت الله لوهار جي ايف آء آر ڪاٽي وڃي پر نصيرآباد پوليس ايف آء آر نٿي ڪاٽي، مقتول هدايت الله لوهار جي قتل کي ڏھ ڏينهن ٿي ويا آھن پر نصيرآباد پوليس مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي وئي آھي نااهلي جي حد اهيا آھي ته هن مهل تائين مقتول جو قتل ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري مقتول جا وارث لڳاتار سراپا احتجاج بڻيل آھن جيتري تائين مقتول جي وارثن کي انصاف نه ملندو ايتري تائين هي جدوجهد جاري رهندي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول جو قتل ڪيس داخل ڪري مقتول هدايت الله لوهار جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.