حيدرآباد جي عدالت پاران پارس شاهه قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

حيدرآباد جي عدالت پاران پارس شاهه قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

حيدرآباد جي عدالت پاران پارس شاهه قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

حيدرآباد (بيورو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سندس زال ۽ سهري سميت چئن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت ۾ ڪيس جي شنوائي ٿي، جيل مان پوليس جوابدار ديدار شاه ۽ اسرار شاه کي عدالت آندو جڏهن ته عبوري ضمانت ڪرائيندڙ سندس زال فرزانه شاه ۽ سهرو غلام نبي شاه به وڪيل معرفت پيش ٿيا، عدالت پاران سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر جوابدار ڏوه مڃڻ کان انڪاري ٿيا، وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت فرد جرم لاڳو ڪندي گواه کي 27 فيبروري تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، نومبر 2022ع ۾ پارس شاه جو گهران لاش مليو سندس ڀاءِ واقعي کي قتل قرار ڏئي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو هو