ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن نظير احمد ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن نظير احمد ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري

ڏوڪري ۾ پ پ اميدوارن نظير احمد ٻگھيو ۽ عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت پاران نامزد ڪيل اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، پي ايس 13 اميدوار عادل الطاف حسین انڙ جي حمايت ۾ سيد برادري جي پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد حامد حسين شاھ، سيد نور مصطفي شاھ، سيد حسين شاھ، سيد ڪوڙل شاھ،سيد فرمان شاھ پاران ڏيرا پاڙي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ بئريسٽر غلام مرتضي خان ٻگهيو، پ پ تعلقي صدر منير احمد سوهو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ ضلعي اڳواڻ پير بخش جوڻيجو، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، حبيب ﷲ عالماڻي، يوسي وڪڙو صدر انجنيئر وقار علي سومرو، غلام ﷲ ڏيرو، رياض حسين ڀٽو، ليڊيز ونگ اڳواڻ غلام فاطمہ ميراثي، فيروز خان ٻگهيو، فقير محمد سومرو، منور سمون، ذيشان ميمڻ، پ پ سپاف تعلقي صدر قاضي نور حسين، عالم گوپانگ، شعبان علي چنو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جلسي کي اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو، پ پ ضلعي اڳواڻ بئريسٽر غلام مرتضي خان ٻگهيو، پ پ تعلقي صدر منير احمد سوهو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، سيد ڪوڙل شاھ، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، سيد حامد شاھ، سيد ڪوڙل شاھ، سيد نور مصطفي شاھ، خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن سان ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندا. هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي طاقت عوام آهي ۽ عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سميت اميدوارن 8 فيبروري تي ڀرپور ووٽ ڏئي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائي ملڪ کي بحران مان ڪڍي خوشحالي آڻيندو. هنن چيو ته پي ايس 13 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ ۽ اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو کي ڏوڪري باقراڻي تعلقن جو عوام 100 سيڪڙو ووٽ ڏئي مخالفن جي تڏا ويڙ ڪري ڇڏيندو.