8فيبروري جو ڏينھن گذريل 15 سالن جي حساب ڪتاب جو ڏينھن آھي: اياز لطيف پليجو

8فيبروري جو ڏينھن گذريل 15 سالن جي حساب ڪتاب جو ڏينھن آھي: اياز لطيف پليجو

8فيبروري جو ڏينھن گذريل 15 سالن جي حساب ڪتاب جو ڏينھن آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد جي اميدوار اياز لطيف پليجو اليڪشن ورڪ تيز ڪري ڇڏيو.پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن ڳوٺ يوسف دل، ڳوٺ شھداد بروهي، ڳوٺ شجاع پالاري، ڳوٺ سنجر ملاح، سحرش ننگر، نسيم ننگر پارڪ، ڳوٺ چانڊيا جتوئي (سٽي چوڪ) ڳوٺ مختيار آرائين ڳوٺ عالم خان پالاري، علي آباد ڪالوني ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سان حساب ٿيندو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل پندرهن سالا اقتداري دور ۾ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي پنھنجو جائز حق ڏيڻ بدران پنڻ تي مجبور ڪيو، ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ چوڪن تي شاھوڪار سنڌ جي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪيو سنڌين جي حقن، اميدن ۽ خوابن تي ڌاڙا ھنيا ۽ ويساھ گھاتي ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن کي وڪڻڻ جو، ميرٽ جي لتاڙ جو، تعليم کي تباھ ڪرڻ جو، صحت جي تباھي ۽ بنيادي مسئلن سميت ڪرپشن ذريعي کربين روپين جو. پيپلزپارٽي، زرداري مافيا سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ائين شايد حملي آور دشمن بہ نہ ڪري ھا. ھنن جي گذريل پندرهن سالن جي پنهنجي حڪومتي دوران سنڌ کي نہ تعليم، نہ روزگار، نہ پاڻي، نہ علاج ۽ نہ ئي ڪا يونيورسٽي ڏني. زراعت تباھ، روڊ برباد ڏوھ ۽ منشيات عروج تي. ترقياتي بجيٽ مال غنيمت ڪري لٽي کربين روپيا کائي ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي قاسم آباد سميت سنڌ جي نوجوانن کي لائبريريون ۽ يونيورسٽي ڏيڻ بدران گٽڪن ۽ ٻي منشيات جو ڪينسر ڏنو آھي، پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ کنڊر بنيل آھي. غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ۽ عورتون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي کي پندرهن سال مسلسل اقتدار جو تمام وڏو عرصو مليو ۽ ان عرصي دوران پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ سنڌ کي بھترين ڊرينيج سسٽم ھجي ھا، صفائي جو نظام بھتر ھجي ھا، اسڪول مال جا وٿاڻ نہ ھجڻ بدران اعليٰ تعليمي درسگاھون ھجن ھا، وڏا شھر آئي ٽي سٽي جي سڃاڻپ بنجي چڪا ھجن ھا، روزگار جا بيشمار وسيلا ھجن ھا، زرعي معيشت پنھنجي پيرن تي بيٺل ھجي ھا، بنيادي صحت مرڪزن ۾ بھترين علاج جون سھولتون ھجن ھا پر ھنن شھيدن ۽ جمھوريت جا نعرا هڻي سنڌ جي ماڻھن کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن سان دوکو ڪندا آهن۔اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد سميت سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ مافيا زرداري ٽولي کي اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي دفن ڪري ڇڏيندا.