English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جو عوام ڪرپٽ اميدوارن کي نظرانداز رد ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو
113 views
|
01st Feb 2024
•
سنڌي خبرون
ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جو عوام ڪرپٽ اميدوارن کي نظرانداز رد ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جي اميدوار اياز لطيف پليجو اليڪشن ورڪ ڪندي ڳوٺ ٻاڳھل، واڻڪي وسي، ڳوٺ محمد بخش شورو پھتو جتي سوين ڳوٺاڻن گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو اجرڪن، لنگهين ۽ سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جا وڏي تعداد ۾ ڳوٺ اڃان تائين گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 فيبروري سنڌ جي خوشحالي، ميرٽ،امن، انصاف ،حق ۽ سچ جو ڏينهن ثابت ٿيندو. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻہ ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ٻوڙايا ويا، اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪابہ واهر نہ آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران سنڌ کي عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي عوام کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا. ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي ۽ جمھوريت جو ڪوڙو ڍونگ ڪن ٿا، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي غريب عوام لاء ڪو احساس ناھي، اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي ھي ڪروڙين روپيا اليڪشن ۾ خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي سنڌ جي ماڻھن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي.سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي جنهن پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو.پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻيندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ زمين جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ھجڻ ڪري لکين ماڻھو سنکيو مليل زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھنڪري ھيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. حڪومت ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جوڙي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آھي. شھرن جي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙيون تعليم ۾ پٺٽي پيل آھن. سنڌ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بھتر بنايو وڃي. ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري سھولتون ڏنيون وڃن. خاص طور نياڻين جي تعليم کي بھتر ڪيو وڃي. تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ
قاسم آباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے