اوهان هلڻ چاهيو ٿا ته جمهوري طريقي سان هلو، اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو وڃي ۽ اسين خاموش ويهون ائين نه ٿيندو: ڊاڪٽر قادر مگسي

ڄامشورو: جي ڊي اي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ ھو تھ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن کي رد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جڏهن ٻٽو نظام آيو سنڌ جي وجود کي خطرو هو انهي وقت زرداري ڌاڙيل ٽولي سان گڏ هيو ۽ پير پاڳاري انهي وقت به دشمن قوتون کي للڪاريو ٿيل اليڪشن سنڌ جي وجود خطري سان گڏوگڏ ملڪ کي خانا چنگي طرف وٺي وڃڻ آهي جنهن سان سنڌ کي نقصان ٿيندو جيڪا امن جي ڌرتي آهي چون ٿا زرداري مقبول ليڊر آهي پر مان چوان ٿو ڪنھن به گلي گهٽي ۾ وڃو ۽ عام ماڻهو کان پڇو ته زرداري لاءِ اوهان جي رائي ڪهڙي آهي ته ماڻهون زرداري کي گاريون ڏيندا، اليڪشن ڌانڌلي چوري ۽ غنڊا گردي هئي اهيا صورتحال جاري رهي ته انهي ۾ ڪو شق ناهي ته هي ملڪي ثابت ٿيندي اليڪشن هر صورت ۾ سسپينڊ ٿيڻ گهرجي ۽ منصفاڻا ۽ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن اسان پارليامينٽ جي بالادستي چاهيون ٿا اسان کي اهڙي پارليامينٽ نامنظور آهي جيڪا هٿ ٺوڪيا حڪمران پيدا ڪري ڪنهن فرد ۽ ٽولي جي مقصد لاءِ هن ملڪ کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي اوهان هلڻ چاهيو ٿا ته جهموري طريقي سان هلو اسان جون زمينون تي قبضو ڪيو وڃي اسين خاموش ويهون ائين نه ٿيندو