مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 50 سال حڪومت ڪئي آهي، پر سندن ڪارڪردگي ڦُرلُٽ، ڪشمير جي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.سراج الحق

مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 50 سال حڪومت ڪئي آهي، پر سندن ڪارڪردگي ڦُرلُٽ، ڪشمير جي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.سراج الحق

مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 50 سال حڪومت ڪئي آهي، پر سندن ڪارڪردگي ڦُرلُٽ، ڪشمير جي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.سراج الحق

ڪراچي / حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته 25 سال مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 50 سال حڪومت ڪئي آهي، پر سندن ڪارڪردگي ڦُرلُٽ، ڪشمير جي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پ پ ۽ مسلم ليگ کي جيڪڏهن ايندڙ سئو سالن تائين اقتدار ملي به وڃي تڏهن به هي پاڪستان کي ترقي بدران تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهندا. 08 فيبروري تي حڪومت اسان جوڙينداسين، زرداري ۽ نواز شريف جو دور گذري ويو، ايم ڪيو ايم به سڪرات ۾ مبتلا آهي. حيدرآباد جو تاريخي جلسو 08 فيبروري تي “ ساهمي” جي ڪاميابي جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لطيف آباد ۾ رٿيل چونڊ جلسه عام کي خطاب ڪندي ڪيو. مرڪزي نائب امير ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 219 تي نامزد اُميدوار ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ضلعي امير عقيل احمد خان به خطاب جڏهن ته مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، سردار زبير سولنگي، مجاهد چنا سميت ٻيا نامزد اميدوار ۽ صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا، جلسه عام ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباه ۽ پنهنجي ملڪيتن ۾ اضافي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ وڃي انهن جي اربين کربين رپين جا اثاثه جات ڏسي سگهجن ٿا، ڪيڏو ظلم آهي جو عام ماڻهو ته ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان جڏهن ته اشرافيه ۽ حڪمران لڏي جا ڪتا ۽ ٻلا به کير پي رهيا آهن اسان اهڙي بدبودار نظام کان بغاوت ڪريون ٿا. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ چوڙي ۽ چمڙي سميت ٽيڪسٽائل جا وڏا ڪارخانا موجوده هئا هي هڪ خوبصورت علمي ۽ صنعتي شهر هو، پر نااهل قيادت جي ڪري اڄ ڪچري جو ڍير بڻيل آهي، هاڻي حيدرآباد جو عوام جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت کي ڪامياب ڪري هن شهر جي صنعتي رونقن کي بحال ڪري سگهي ٿو. هوڏانهن سراج الحق الرحيم مسجد نوري آباد ۾ جمعي جي خطبي ۾ چيو ته غلاماڻين پاليسين ۽ وياج واري نظام جي ڪري ملڪي معيشت تباه، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي انڪري عوام وياج واري سامراجي نظام ۽ سندس ٽولي کان نجات لاءِ 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ نيڪ ۽ ديانتدار نمائندن جي چونڊ ڪري. ان کان اڳ نوري آباد پهچڻ تي مقامي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ضلعي امير حافظ محمد صالح جي اڳواڻي ۾ سندس ڀرپور استقبال ڪيو. جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اين اي 219 تي اُميدوار ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پ پ سنڌ مٿان گذريل پنجاهه سالن ۾ بار بار حڪومت ڪرڻ باوجود ماڻهن کي ڪجهه به ناهي ڏنو، حيدرآباد جي نوجوانن کي روزگار ۽ يونيورسٽي ملڻ گهرجي، هن شهر جي عوام کي پٿر جي دور ۾ ڌڪيو ويو آهي، چائنه ڪٽنگ ايم ڪيو ايم کي سندس ئي باني قائد نمڪ حرام قرار ڏئي رهي آهي ته هو عوام سان وري ڪهڙي وفاداري ڪندا، وڏيراشاهي جو دور ختم ٿي چڪو 08 فيبروري “ ساهمي” جي ڪاميابي جو ڏينهن ثابت ٿيندو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جلسه عام کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ جي ڦُرلُٽ پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، ملڪ ڀاري قرض ۾ گروي ۽ جاگيردارن توڙي اشرافيه ٻنهي هٿن سان ڪرپشن ڪري وڏيون ملڪيتون جوڙي ورتيون آهن. جماعت اسلامي هڪ انقلابي ۽ سنڌ جي تعمير توڙي ترقي جو منشور رکڻ واري جماعت آهي، اڄ حيدرآباد کي کنڊر بڻايو ويو آهي، جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي صنعتي ۽ معاشي ترقي سان گڏو گڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪندي.#