English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ضلعي رٽرننگ آفيسر اسد علي خان جي صدارت هيٺ ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس
134 views
|
25th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ضلعي رٽرننگ آفيسر اسد علي خان جي صدارت هيٺ ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ضلعي رٽرننگ آفيسر ٺٽو جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل عام چونڊن 2024ع جي ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس. ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل عام چونڊن 2024 جي حوالي سان ضابطه اخلاق بابت دربار ھال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پي آفتاب احمد. نظاماڻي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين ۽ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سجاد انصاري سميت قومي ۽ صوبائي سيٽن جي اميدوارن ۽ سندن نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته عام چونڊن 2024ع ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ پارٽيون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي عمل کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اسان لاءِ سڀ اميدوار برابر آهن، اسان کي سڀني لاءِ آزاد ماحول ٺاهڻو آهي، جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته هو لکت ۾ آگاهه ڪري، ثابت ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ضلعي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي. هن چيو ته ٺٽو هڪ پرامن ضلعو آهي، سمورن اميدوارن کي چونڊ کان پھريان ۽ چونڊ واري ڏينهن امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مڪاني ادارن جا نمائندا ۽ سرڪاري ملازم چونڊ مهم جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ ثبوت مليا ته ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اميدوارن پاران مختلف شڪايتون پڻ ڪيون ويون جنهن تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي ڪارروائي جا حڪم پڻ ڏنا. ان موقعي تي ايس ايس پي آفتاب احمد نظاماڻي چيو ته صاف، شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ان حوالي سان جٽادار ڪانٽيجنسي پلان پڻ جوڙيو ويو آهي. بعد ۾ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سجاد انصاري شرڪت ڪندڙن کي عام چونڊن جي ضابطه اخلاق بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي کين ٻڌايو ته چونڊ مهم دوران گاڏين ۽ ڪار ريلي تي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته عوامي ميڙاڪن ۽ جلوسن ۾ ۽ پولنگ واري ڏينهن ڪنهن به قسم جي هٿيار يا آتشي اسلحي کڻي وڃڻ يا نمائش تي به مڪمل پابندي هوندي. هن ٻڌايو ته بل بورڊز، وال چاڪنگ ۽ پينافليڪس لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي جڏھن تہ ضابطا اخلاق تحت مقرر ڪيل سائيز جا پوسٽر، هينڊ بلز ۽ پمفليٽن جي اجازت هوندي جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي ڪنهن به قسم جو چونڊ مواد لکڻ يا لڳائڻ تي پابندي هوندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سياسي پارٽين ۽ اميدوار پنھنجي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍڻ کان اڳ لاڳاپيل ڊي آر او ۽ آر اوز کي آگاه ڪرڻ جا پابند ھوندا جڏهن ته اهڙن هنڌن تي عوامي ميڙاڪا ۽ گڏجاڻيون منعقد ڪندا ۽ اھڙو رستو اختيار ڪندا جيڪو ان مقصد لاءِ مختص ڪيو ويو ھجي، ان کان علاوہ اليڪسن کان 48 ڪلاڪ اڳ ھر قسم جي چوند مھم بند ھوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ضلعي رٽرننگ آفيسر
0 تبصرے