شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي صدارت ھيٺ اليڪشن ضابطن بابت اجلاس

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي صدارت ھيٺ اليڪشن ضابطن بابت اجلاس

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي صدارت ھيٺ اليڪشن ضابطن بابت اجلاس

شڪارپور (احسان ابڙو) ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر يا آر اوز کي شڪايت ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، خبر موجب ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ ضابطئه اخلاق براءِ اليڪشن 2024 جو اجلاس ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر / ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر / ڊپٽي ڪمشنر چيو ته جلسن جلوسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين ڪرائڻ کان پهريان ڊسٽرڪٽ ڪميٽي ۽ انتظاميه کان اجازت وٺڻ لازمي هوندي ۽ ساڳئي وقت ساڳئيءَ جاءِ تي مخالف اميدوار کي جلسي جلوس يا ورڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. هن چيو ته سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اليڪشن مهم کان پري رهن. ان سلسلي ۾ کيس ڪجهه شڪايتون موصول ٿيون آهن جن جي جاچ هلي رهي آهي. ثابت ٿيڻ تي سخت قدم کنيا ويندا. ڊي آر او شڪارپور چيو ته اليڪشن مهم دوران هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي جڏهن ته اميدوارَ پنهنجي حفاظت لاءِ وڌ کان وڌ 5 گارڊ کڻي سگهي ٿو. جن وٽ هٿيارن جا لائسنس لازمي هوندا ۽ اهي لائسنس نمبر انتظاميه وٽ درج ٿيل هوندا. هن چيو ته شهرن اندر ڪنهن به ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته سڪيورٽيءَ لاءِ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ پوليس موجود هوندي. اجلاس سان ڳالهائيندي ڊي آر او/ڊي سي الطاف احمد چاچڙ چيو ته شهر اندر ڪنهن به سرڪاري عمارت يا سرڪاري پولن تي جهنڊا يا بينر لڳائڻ جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته بينر ۽ پينافليڪس اليڪشن ڪميشن جي ٻڌايل سائيز مطابق ٺهرايو وڃي ۽ اليڪشن جي قانوني جي جيڪو ڀڃڪڙي ڪندو ان جي خلاف اليڪشن ڪميشن قانوني قدم کڻندي. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر/ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته مانيٽرنگ ٽيم ڪچي جون سڀ پولنگ اسٽيشنن جو جائزو ۽ انتظام ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪچي جي پولنگ اسٽيشنن تي ڪئميرائون لڳايون وينديون. ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان چيو ته سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان جيڪي ڪچي جون پولنگ اسٽيشنون گهمي آيا آهيون انهن تي اسان وڌيڪ سڪيورٽي فراهم ڪنداسين ۽ ڪنهن به اميدوار کي سڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڪا شڪايت آهي ته اهو پنهنجي درخواست اسانوٽ جمع ڪرائي ته اسان ان کي سڪيورٽي فراهم ڪنداسين. هن چيو ته باقي پولنگ اسٽيشنن تي آرمي، رينجرس ۽ پوليس مقرر ڪري ڇڏي آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سيد عامر حسين چيو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي جيڪو به اميدوار خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف اليڪشن ڪميشن سخت قدم کڻندي. هن چيو ته اسان هر اميدوار کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جو شيڊيول ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهي انهن اصولن مطابق هلن. ان موقعي تي اين اي 193 ۽ پي ايس جي اميدوارن مقصود احمد ڊومڪي، احسان علي جيهو ، آغا تيمور خان پٺاڻ ، آفتاب احمد سومرو، اسرار احمد ، عارف خان مهر ۽ ٻين چيو ته اليڪشن دوران اسان کي رات جو ورڪنگ ڪرڻ ۾ ڪجهه تڪيلفون درپيش اچن ٿيون ۽ هنن چيو ته پولنگ تي سرڪاري ملازم ايجنٽ طور ويهن ٿا انهن جي خلاف ڪوئي قدم کنيو وڃي. پولنگ اندر پولنگ ايجنٽ يا مقرر ٿيل ڪنهن ٻئي کان علاوه وڌيڪ ڪو پولنگ اندر وڃي ته ان جي خلاف به سخت قدم کنيا وڃن.