ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف جو احتجاجي مظاھرو

ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف جو احتجاجي مظاھرو

ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف جو احتجاجي مظاھرو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن پاران مرڪزي پريس سيڪريٽري قاضي وسيم جوڻيجو، تعلقہ صدر عبدالغني ٿهيم، بخشل ٿهيم، عمران علي ڀان، آصف علي ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لوئر اسٽاف جي ملازمن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته لوئر اسٽاف جي ملازم جو پهريون ڀيرو ڪلارڪ پروموشن ٿيا هئا تعليم کاتي جي اختيارين پاران ٿيل پروموشن کي رد ڪرايو ويو آهي جيڪا لوئر اسٽاف جي ملازم سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير لوئر اسٽاف جي ملازم جا ٿيل ڪلارڪ پروموشن بحال ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.