8فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو: سراج الحق

8فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو: سراج الحق

8فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آھي تہ 8فيبروري سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو ڏينهن ثابت ٿيندو، چونڊون کٽي لاھور ۾ چارچنڊ لڳائيندڙ جو دعويدار پي پي چيئرمين بلاول ڀُٽو ٻڌائي تہ 15سالن کا لاڳيتو حڪومت ھجڻ جي باوجود سنڌ جو ھر ادارو تباھ ڇو آھي،وارا وٺي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ٻڌي ڇڏن تہ ھاڻي عوام جو وارو آھي. ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن پاڪستان ۾ غريبن لاءِ جيئرو رھڻ بہ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي.8فيبري تي ٿيندڙ چونڊون ظالم وڏيرن سرمايہ داران ۽ آمريڪي يارن کا نجات جو ڏھاڙو آھي.گھر رابطو ڪري عوام تائين جماعت جو پيغام پھچايو وڃي تہ توھان سڀني ڀوتارن پيرن ۽ ميرن کي آزمايو آھي سنڌ جي خوشحالي توڙي مسئلن جو حل صرف جماعت اسلامي آھي. اھڙن خيالان جو اظھار ھن ڪراچي دوري جي موقعي تي مولانا اسداللہ ڀٽو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالھائندي ڪيو. سنڌ جي امير محمد حسين محنتي مرکزي امير کي سنڌ ۾ چونڊ سرگرمين توڙي تنظيمي صورتحال جي ڄاڻ ڏني. سيڪريٽري ماليات محمد دين منصوري ،اطلاعت سيڪري مجاھد چنا ۽ اين ايل ايف جو اڳواڻ سيد نظام الدين شاھ بہ موجود ھو. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي نہ صرف آء پي پيز جا ڳرا معاھدا ختم ڪري عوام کي ڪرپشن ۽ ڪميشن مافيا کا نجات ڏيارينداسين ان سان گڏ عوام ۽ ملڪ کي پرڏيهي ادارن وٽ گروي رکندڙ ٽولي جو احتساب بہ ڪنداسين. ھن چيو تہ ٻنھي وڏين پارٽين جو منشور عوام کي ڌوڪو ڏيڻ کان سوا ڪجھ بہ ڪونہ آھي. نواز دو منشور ۽ 300 يونٽ بجلي مفت ۽ اٽي لٽي ڏيڻ جي دعويدارن عوام جو رت چوسڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي آھي. ان شاءالله 80فيبروري تبديلي جو ڏھاڙو ثابت ٿيندو.#