ميرپورماٿيلو ويجھو پ پ اميدوار محمد بخش مھر جي چونڊ جلسي ۾ شرڪت

ميرپورماٿيلو ويجھو پ پ اميدوار محمد بخش مھر جي چونڊ جلسي ۾ شرڪت

ميرپورماٿيلو ويجھو پ پ اميدوار محمد بخش مھر جي چونڊ جلسي ۾ شرڪت

سرحد (رپورٽر)گهوٽڪي سابق ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر پاران اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ محمد هاشم مهر پهتو، شاندار استقبال، چيف سردار محمد بخش خان مهر مٿان گلن جي ورکا، ڳوٺ جي معزز محمد هاشم مهر پاران چيف سردار محمد بخش خان مهر کي پڳ ٻڌائي کيس آيل مهمانن کي اجرڪ جا تعفا ڏنا ويا، اسان گذريل حڪومت ۾ علائقي اندر ترقياتي ڪم ڪرايا سون، ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي، عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهيون، اسان جي لاءِ سڀ دوست هڪ جهڙا آهن، 8 فيبروري تي هيٺ ۽ مٿي تير تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪيو، اقتدار ۾ اچي عوام جي وڌيڪ خدمت ڪندا سون، چيف سردار محمد بخش خان مهر تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو پي ايس 20 تي پ پ پ نامزد اميدوار سابق ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر پاران اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ ميرپور ماٿيلو ويجهو يو سي اٽل مراداڻي جي ڳوٺ محمد هاشم مهر پهتو، جتي ڳوٺاڻن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران چيف سردار محمد بخش خان مهر مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، ۽ ڳوٺ جي معزز محمد هاشم مهر پاران چيف سردار محمد بخش خان مهر کي پڳ ٻڌائي کيس آيل مهمانن کي اجرڪ جا تعفا پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي تي پ پ پ پاران پي ايس 20 جي نامزد اميدوار سابق ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته اسان گذريل حڪومت ۾ علائقي اندر ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، هن وڌيڪ چو ته عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهيون، اسان جي لاءِ سڀ دوست هڪ جهڙا آهن، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن کٽي علائقي اندر صحت، تعليم، سولر سسٽم سميت مختلف اسڪيمن جي سهولت ڏيندا سون، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن 8 فيبروري تي هيٺ ۽ مٿي تير تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪيو، ته جيئن اقتدار ۾ اچي عوام جي وڌيڪ خدمت ڪندا سون، ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر، حاجي مير خان مهر، غلام جيلاني خان مهر، ڪمال خان مهر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا..