خانپور: ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

خانپور: ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

خانپور: ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

خانپور(رپورٽر) خانپور تعلقي جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شڪاري جعفري ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن محمد پنھل جعفري قتل ، مقتول جي وارثن جو ڪرسي جتوئي ڌر تي مال چوري جي پراڻي تڪرار تان قتل ڪرڻ جو الزام ،پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ،ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جي ڀائيٽين غلام حسين ۽ شھزادو جعفري ميڊيا کي الزام لڳائيندي چيو ته ھڪ سال اڳ مال جي چوري جي مامري تي جعفري ۽ ڪرسي جتوئي برادري ۾ جھيڙو ٿيو ھو سال اڳ ڪرسي جتوئي اسان جو مال چوري ڪري وڃي رھيا ھئا ته مزاحمت تي ٻہ جعفري برادري جي نوجوان حبيب ۽ منصور قتل ٿيا ھئا ۽ ھڪ ڪرسي جتوئي ڌر جو قتل ٿيو ھو چوري مامري تان ٿيل جھيڙي ۾ 4 قتل ٿي چڪا آھن.