پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جي ئي فتح ٿيندي: عادل الطاف انڙ

پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جي ئي فتح ٿيندي: عادل الطاف انڙ

پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جي ئي فتح ٿيندي: عادل الطاف انڙ

ڏوڪري(اظهر ميمڻ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ جا يونين ڪائونسل ڳجهڙ ۽ طوفاني دوران، ڳوٺ ڳجهڙ، محمد ڇٽل ابڙو، قاضي نور آباد، منڌرا، فقير محمد جوڻيجو، بابل جروار، ملنگ بروهي، بدل سمون، فيض محمد کوکر، دريا خان مڱريو سميت مختلف ڳوٺن ۾ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ پاران ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايو ويو. پي ايس 13 جي اميدوار پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ عادل الطاف حسين انڙ پاران ڳوٺ محمد ڇٽل ابڙو ۾ زوار فدا حسين ابڙو، زوار عبدالحميد کوکر، گدا حسين ابڙو، عاشق حسين ابڙو، جنيد فدا حسين ابڙو، ممتاز ابڙو، ڳوٺ ڳجهڙ ۾ سيد ڪاظم شاھ، مور سمون، پٺاڻ سمون ڳوٺ منڌرا ۾ وڏيرو شمن خان جوڻيجو، ذوالفقار علي جوڻيجو، وڏيرو غلام اڪبر خان جوڻيجو، احمد جوڻيجو، بلاول شمن خان جوڻيجو، ڳوٺ فقير محمد جوڻيجو ۾ دولت خان جوڻيجو، محمد دائود جوڻيجو، محمد جمن جوڻيجو، ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ حبيب ﷲ کوکر، منظور کوکر، محمد کوکر، حبيب ﷲ عالماڻي، الھ وسايو کوکر، ڳوٺ بابل خان جروار ۾ مير جروار، لياقت جروار، ڳوٺ دريا خان مڱريو ۾ محمد بچل مڱريو، بهادر مڱريو، ڳوٺ بدل سمون ۾ ظهير ٿهيم، ملنگ بروهي ۾ محبوب بروهي، نظر محمد بروهي ۽ ٻين پاران الڳ الڳ ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايو ويون. ڪارنر گڏجاڻين ۽ پيپلزپارٽي تعلقي صدر منير احمد سوهو، اڳوڻي ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، صحبت علي جسڪاڻي، علي اصغر ميمڻ، رئيس مظفر چانڊيو، مير شڪيل مينگل، عامر جسڪاڻي، ديدار شيخ، انجئينر وقار سومرو، ذيشان ميمڻ، وقاص سومرو، نثار احمد جتوئي، ضمير ڀٽي، سيف ﷲ سومرو، منظور ڪٽپر، غلام قادر ميمڻ، آغا جلباڻي، عبدالغني ابڙو، برڪت ابڙو، وحيد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ، پ پ تعلقي صدر منير احمد سوهو، زوار فدا حسين ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي ڏوڪري باقراڻي تعلقن جي عوام کي گهرجي 8 فيبروري جي ڏهاڙي تي سو سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ڪري تير جي نشان تي ٺپو هڻي ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو ۽ ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ کي ڪامياب ڪري مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. ملڪ جي خوشحالي جو نشان، توهان جي بهتري جو نشان، تعليم جي بهتري لاءِ، عربيت جي خاتمي جو نشان تير جو نشان آهي سنڌ جو عوام تير جي نشان تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو.