ٺٽي ويجھو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي ڀاڻيجي سميت ٻن ڄڻن کي زھر ڏيڻ جو انڪشاف

ٺٽي ويجھو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي ڀاڻيجي سميت ٻن ڄڻن کي زھر ڏيڻ جو انڪشاف

ٺٽي ويجھو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي ڀاڻيجي سميت ٻن ڄڻن کي زھر ڏيڻ جو انڪشاف

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي مان امن جو پکي اڏامي ويو، عوام غير محفوظ بڻيل، ٺٽي شھر جي رھواسي فقير علي گوھر ٻارڻ جي ٺٽي شھر جي واٽر سپلائي واري آستاني تي 5 راتيون اڳ چئن نامعلوم ھٿياربند ماڻھن چڙھائي ڪري ھٿيارن جي زور تي آستاني ۾ ستل فقير علي گوھر ٻارڻ ۽ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر لياقت ٻارڻ جي ڀاڻيجي عرفان ٻارڻ کي ھٿ پير ٻڌي مٿس سخت تشدد ڪري کيس زھر پياري زخمي حالت ۾ آستاني ڀرسان جھنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، جنھن بعد سندس ڳولا ڪندي کيس نيم بيھوشي واري حالت ۾ جھنگ مان کڻي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران پڻ عرفان ٻارڻ کي زھر پيارڻ ۽ مٿس سخت تشدد جي تصديق ڪندي سندس جزا چڪاس لاء ليبارٽري موڪليا ويا آھن، ٻئي طرف ٺٽي ٿاڻي تي نامعلوم حملي آور ھٿياربندن خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي کوجي ڪتا گھرائي انھن ذريعي بہ ڏوھارين جي ڳولا جاري ڪرائي ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ زخمي ٿيل ٺٽي واسي عرفان ٻارڻ جي مامي قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر لياقت ٻارڻ ٻڌايو تہ 5 راتيون اڳ سندن غيرموجودگي ۾ سندن واٽر سپلاء واري آستاني تي 4 نامعلوم ھٿياربندن ڪاھ ڪري آستاني تي ستل سندن ڀاڻيجي عرفان ٻارڻ کي يرغمال بنائي مٿس سخت تشدد ڪرڻ بعد کيس زبردستي زھر پياري سندس ھٿ پير ٻڌي آستاني جي ڀر ۾ جھنگ ۾ اڇلائي ويا، لياقت ٻارڻ چيو تہ سندن ڀاڻيجي عرفان ٻارڻ جي اوچتو گم ٿيڻ تي سندس ڳولا ڪري کيس جھنگ مان نيم بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ ڪري کيس سول اسپتال مڪلي پھچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس چڪاس ڪري ڊاڪٽرن پاران کيس زھر ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي آھي، ڊاڪٽر ڪوششون ڪري سندس جسم مان ڪجھ زھر ڪڍي سندس حياتي بچائي ورتي آھي، پر اڃان تائين عرفان ٻارڻ ھوش ۾ اچي ناھي سگھيو، کيس ھاڻي رت جون الٽيون اچڻ بہ شروع ٿي ويون آھن، سندس طبيعت سڌرڻ بجاء ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي، سندس جزا پڻ چڪاس لاء ليبارٽري موڪليا ويا آھن، جيئن رپورٽ ايندي تہ ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ٻئي طرف فقير علي گوھر ۽ لياقت ٻارڻ پاران کوجي ڪتا گھرائي انھن وسيلي بہ چورن جي ڳولا جاري ڪرائي ڇڏي آھي، کوجي ڪتن ذريعي بہ ھڪ چور جي نشاندھي ڪئي ويئي آھي، ھن چيو تہ ايس ايڇ او ٺٽو قربان علي ملاح ساڻن مڪمل تعاون ڪري رھيو آھي، ايف آء آر داخل ڪرائي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرايو ويندو، لياقت ٻارڻ انڪشاف ڪندي وڌيڪ چيو تہ ھن کان اڳ بہ سندن ڪيتريون ئي چوريون ساڳئي آستاني مان ٿيڻ سان گڏ ھڪ وڏي چوري جنھن ۾ ڪيش 5 لک روپيہ چوري ٿي ويا ھئا، ان دور واري ٺٽو پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ چوري واپس ڪرائي ناھي سگھي ھئي ۽ نہ ئي چورن کي گرفتار ڪيو ھو، پر ھي ايس ايڇ او ٺٽو قربان ملاح ساڻن مڪمل تعاون ڪري رھيو اھي، ھن چيو تہ ڪافي ڀيرا سندن ڀاڻيجي آستاني جي رکوالي ڪندڙ عرفان ٻارڻ تي حملا ٿي چڪا آھن، جن ڏوھارين ھن واري مٿس قاتلاڻو حملو ڪري کيس زھر ڏيئي ھميشہ جي ننڍ ٿي سمھاريو پر سندس حياتي ھئي جو ھو بچي ويو آھي، ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن سندن آستاني تي ھٿياربند ڦورن جي ٿيل چڙھائي جو نوٽيس وٺي سندن ڀاڻج عرفان ٻارڻ تي ٿيل حملي توڙي کيس زبردستي زھر پياري مٿس تشدد ڪندڙ سمورن ڏوھارين کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.