8فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ڪرپٽ زرداري ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو

8فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ڪرپٽ زرداري ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو

8فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ڪرپٽ زرداري ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) پي ايس 60 قاسم آباد جي آزاد اميدوار سياسي سماجي اڳواڻ محبوب ابڙو پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ۽ اياز لطيف پليجو جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري تي پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ڪرپٽ مافيا زرداري ٽولي کي عوام ٻڌي ۽ ايڪي سان رد ڪري سنڌ جي خوشحالي، ميرٽ، امن،انصاف ،حق ۽ سچ جو ڏينهن ثابت ڪندا اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻہ ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ۽ سوين ڳوٺن کي ٻوڙائي ڇڏيا اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪابہ واهر نہ آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ٻوڏ سبب سنڌ جي ماڻھو کي معاشي طور تباھ ڪري ڇڏيو. ٻوڏ سبب لکين متاثرن اڃان تائين دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران سنڌ کي عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 15 سالا ڪاري دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن سميت سمورن ادارن ۾ کربين روپين جي ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي.سنڌ جا ماڻھو تبديليء جي ڳالھ تہ تمام زبردست ڪندا آھن مگر جڏھن تبديلي اچڻ وارو اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ ماڻهن جي پويان ھوندا آھيون انھن کي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوء رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن مھانگائي ڪري بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي غريبن تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ ڪرپٽ حڪمرانن جي لاٽري کليو وڃي جيئن اڳ آيل برساتي ٻوڏ دوران ٻاھرين ملڪن کان ملندڙ امداد حڪمرانن اصل حقدارن تائين پھچائڻ بجاء صرف پنھنجا پيٽ ڀريا عوام اڄ بہ دربدر آھي. سياسي سماجي اڳواڻ محبوب ابڙو خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجو سنڌ جو سگھارو آواز، ھيرو آهي اياز لطيف پليجو جي ڪاميابي سنڌ جي جي ست ڪروڙ ماڻهن جي ڪاميابي آهي ھن وقت اتحاد ٻڌي ذريعي ڪرپٽ عوام دشمن پيپلزپارٽي پارٽي ۽ زرداري ٽولي کي شڪست ڏيڻ جو ٽائيم آهي. اياز لطيف پليجو ۽ محبوب ابڙو قاسم آباد جي دڪانن تي پيادل وڃي اليڪشن ورڪ ڪيو دڪاندارن پاران اجرڪن جا تعفا پيش ڪري گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو.