مورو ۾ پ پ اميدوارن ذوالفقار علي بهڻ ۽ ضياء الحسن لنجار جي گڏجاڻين ۾ شرڪت

مورو ۾ پ پ اميدوارن ذوالفقار علي بهڻ ۽ ضياء الحسن لنجار جي گڏجاڻين ۾ شرڪت

مورو ۾ پ پ اميدوارن ذوالفقار علي بهڻ ۽ ضياء الحسن لنجار جي گڏجاڻين ۾ شرڪت

مورو (جاني جماڻي) گچيرو پراڻو م پيپلزپارٽي هزارين ماڻهن کي روزگار سان لڳايو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جيڪا غريب عوام جي خدمت ڪري ٿي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو اهڙو اظهار يوسي گچيرو پراڻو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڦل خان ٻگهيو ڳوٺ ماڙي ڳوٺ ملو اسماعيل ٻگهيو ڳوٺ جمن ٻگهيو ڳوٺ ارگو ٻگهيو ڳوٺ ميهر ڪالوني ڳوٺ الهڏنو ٻگهيو ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ 20 کان مٿي پروگرام ڪيا جن م سابقا چيرمين وڏيرو مير حسن ٻگهيو وڏيرو عبدالغفار ٻگهيو انور علي ٻگهيو فضل خان ٻگهيو حافظ عبدالوحيد ٻگهيو اڪرم ٻگهيو عاقب خان ٻگهيو ملو شفن ٻگهيو ڊاڪٽر دوست محمد ٻگهيو انسپيڪٽر محمد مبين ٻگهيو حاجي قمر الدين ٻگهيو جمال دين ٻگهيو طرفان ڪوٺايل عوامي ميڙاڪي کي اڳوڻي اين اي 206 تي ڪينيڊيٽ رئيس ذوالفقار علي بهڻ ايم پي اي 35 جي اميدوار محترم ضياء الحسن لنجار خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بيروزگار هزارين نوجوانن کي نوڪرين جا آڊر ڏئي روزگار سان لڳايو آهي انشاء الله 8 فيبروري تي عوام تير جي نشان تي ٺپو هڻي پاڪستان پيپلزپارٽي کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي ان موقعي تي سموري پروگرام ۾ آيل ماڻهن کي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ماني کارائي ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ رئيس محمد اياز خان ٻگهيو رئيس سرمدخان ٻگهيو ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو يوسي گچيرو پراڻو جو چيرمين رئيس محمد اڪرم ٻگهيو رئيس امداد علي ٻگهيو دوست علي سولنگي غلام حيدر بڙدي ناطم الدين بڙدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو