English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي: محفوظ علي سومرو
views
|
22nd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي: محفوظ علي سومرو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو چيو آهي ته صحافت ھڪ مقدس ۽ عظيم پيشو ھُئڻ سان گڏ رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، مثبت صحافت عوامي فلاح، خدمت خلق ۽ معاشري جي غريب مظلوم ۽ پيسيل طبقي جو آواز بڻجڻ جو ذريعو آهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هُن پريس ڪلب گهارو جي سال 2024 لاءِ چونڊيل نئين باڊيء جو اعلان ڪرڻ بعد ڳالهائيندي ڪيو. ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو چيو ته پريس ڪلب گهارو جي سمورن صحافين هميشه پنهنجا پيشيوراڻه فرض احسن طريقي سان انجام ڏنا آهن ۽ اميد ته آئنده به پنهنجو غيرجانبدار ڪردار بهتر نموني ادا ڪندا. هُن چيو ته مثبت صحافت ۽ خلق جي خدمت واري جذبي سان صحافي معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي علائقي جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو ۽ اسسٽنٽ عبدالشڪور ميمڻ پريس ڪلب گهارو جي نون چونڊيل صدر ذوالفقار خاصخيلي، نائب صدر بابن آشواڻي، جنرل سيڪريٽري سيد عمران علي ۽ ٻين سمورن عهديدارن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفه پيش ڪندي مُبارڪباد پڻ ڏني. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو اسسٽنٽ عبدالشڪور ميمڻ سان گڏ گهارو پريس ڪلب پهچي نون چونڊيل صدر مختيار لاشاري، نائب صدر عبدالحمید عمراڻي ، جنرل سيڪريٽري شفيق چانڊيو ۽ ٻين کي مبارڪباد ڏني ۽ اجرڪ جا تحفه پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي محفوظ علي سومرو چيو ته صحافي برادري کي گهرجي ته هو هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي ڊوڙ بدران پنهنجي علائقي جي پيسيل طبقي جو آواز بڻجن ۽ عوام جي بھتري لاءِ ڪليدي ڪردار ادا ڪن. بعد ۾ هُنن نيشنل پريس ڪلب گهارو جو دورو ڪري صدر عبدالقادر پنهور، نائب صدر امجد ڀٽي ، جنرل سيڪريٽري خالد عزيز جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ صحافين جي مسئلن ۽ ٻين مختلف معاملن تي ڳالھ ٻول پڻ ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر
محفوظ علي سومرو
پريس ڪلب گهارو
gharo
0 تبصرے