ڪراچي: پي ايس 98 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

ڪراچي: پي ايس 98 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

ڪراچي: پي ايس 98 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي)ڪراچي پي ايس 98 پيپلز پارٽي جي اميدوار چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. ڪارنر گڏجاڻيون. مختلف برادرين جي ماڻھن سان تعزيتون. گھر گھر پھچي علائقي واسين سان ملاقاتون. عوام پاران شاندار استقبال. مختلف برادرين طرفان حمايت جو اعلان. پ پ غريب عوام جي پارٽي آھي. جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي. چونڊجي اچڻ بعد عوام جي خدمت ڪنداسين. حاڪم علي جسڪاڻي. تفصيل موجب پي ايس 98 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي. اين اي 235 جي اميدوار آصف خان. صفوران ٽائون چيئرمين راشد ڪليم الله خاصخيلي. هوسي 03 جو چيئرمين تاج محمد وساڻ. صاحب خان جسڪاڻي. حسين بخش ناريجو. لياقت بليدي. محسن جسڪاڻي. سلمان جسڪاڻي. محمد اڪرم جلباڻي. نديم حسين جمالي. ڪامريڊ وقار وڳڻ. سيد اڪبر شاھ ڪاظي ۽ ٻين سان گڏجي سچل ڳوٺ ۾ پھچي مري برادري جي رحيم بخش مري. محمد بچل مري سان والده جي وفات تي تعزيت ڪئي. جڏھن ته شاھنواز شر ڳوٺ ۾ چنه برادري جي حاڪم علي چنه. مختيار علي چنه سان ماسات جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ گھر گھر وڃي علائقي واسين سان ملاقاتون ڪيون. جڏھن ته بلاول شاھ نوراني ۾ رجب لاشاري. ملڪ غلام عباس. سيد غلام شاھ بخاري. منان حسين شيخ. ملڪ حبيب. صادق حسين. شاھ نواز بنگش پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايم پي اي جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي. ايم اين اي آصف خان چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، بيروزگار نوجوانن کي نوڪري ڏنيون آھن، ھنن چيو تي پيپلز پارٽي پوري ملڪ ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيڪيٽون جاري ڪيون آھن، اليڪشن کٽي پنھنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪنداسين، اسين شھيدن جا پوئلڳ آھيون، چونڊن ۾ مخالفن کي شڪست ڏينداسين ھن تڪ جو عوام باشعور آھي جيڪو مخالف جماعتن کي سڃاڻي چڪو آھي، 8 فيبروري تي مخالفن کي عبرت ناڪ شڪست نصيب ٿيندي، ان موقعي ڳوٺاڻن پاران پروگرام ۾ آيل سياسي سماجي اڳواڻن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا ويا.