ور شھر ۾ پ پ اميدوارن رياض شاھھ شيرازي ۽ صادق ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو

ور شھر ۾ پ پ اميدوارن رياض شاھھ شيرازي ۽ صادق ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو

ور شھر ۾ پ پ اميدوارن رياض شاھھ شيرازي ۽ صادق ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ورشھر جي واپاري اڳواڻ ۽ الحسيني رائس مل جي مالڪ شھنشاھ خواجا پاران پ پ اميدوار سيد رياض شاھ شيرازي ۽ قومي اسمبيلي جي اميدوار صادق علي ميمڻ جي مان ۾ ور شھر الحسيني رائس مل ۾ آجياڻي تقريب رکي وئي ـ آجياڻي تقريب ۾ آيل مھمانن جو گلن سان آدرڀاءٔ ڪيو ويو ـ جڏھن ته پ پ اميدوارن کي اجرڪن ۽ لوگين جا تحفا پيش ڪيا ويا ـ ان موقعي تي گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي پ پ اميدوارن سيد رياض شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آھي جيڪا عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ـ ھنن چيو ته ٺٽي جي عوام ھميشا پ پ سان نڀايو آھي جنھن ڪري ٺٽي ضلعي کي پ پ جو قلعو چيو وڃي ٿو ـ ھنن چيو ته پ پ پنھنجي ھر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ ترقياتي ڪم ڪرائي ماڻھن کي انساني بنيادي سھولتون فراھم ڪيون آھن ـ ھنن چيو ته 8 فيبروري عوام جي فتح جو ڏينھن آھي ـ 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو ھڻي پ پ اميدوارن کي سرخرو ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي وزيرعظم نبائيندا ـ آجياڻي تقريب ۾ پ پ اميدوارن سان گڏ امير حيدر شاھ شيرازي ـ ڊاڪٽر امتياز شاھ شيرازي ـ پير رحماني ـ ضلع ڪائونسل ٺٽو جو وائيس چيئرمين ممتاز علي جلباڻي ـ امتياز قريشي سميت ٻين پ پ اڳواڻن ڪارڪنن ـ شھرين ۽ خواجا ڪميونيٽي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ