شڪارپور: اين اي 193 جي آزاد اميدوار ڪامريڊ احسان جيھو پاران چونڊ سرگرميون تيز

شڪارپور: اين اي 193 جي آزاد اميدوار ڪامريڊ احسان جيھو پاران چونڊ سرگرميون تيز

شڪارپور: اين اي 193 جي آزاد اميدوار ڪامريڊ احسان جيھو پاران چونڊ سرگرميون تيز

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ڳڙھي ياسين لکي غلام شاھ جي تڪ اين اي 193 تي ايم اين اي جي آزاد اميدوار سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيهو پاران تڪ ۾ طوفاني دورا ڪيا ويا عوام پاران ڀرپور موٽ جيها برادري جي ماڻھن سميت مختلف برادرين جي ماڻهن طرفان 8 فيبروري تي چونڊ نشان مور تي ٺپو لڳائي ڪامياب ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو آزاد اميدوار احسان جيهو پاران پنهنجي حمايتن مير ذوالفقار خان جيهو ۽ ٻين کي ساڻ کڻي تڪ جي تعلقه ڳڙھي ياسين ۾ نڪري پيو چانهن پارٽين ۾ شرڪت ڪئي وئي مختلف جڳهين تي تعزيتون پڻ ڪيون ويون جيها اتحاد صوبا سنڌ جي اڳواڻ محمد نواز جيهو سان سندس جي ڀيوڻويي مرحوم حافظ محمد مريد جيهو جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي هوڏانهن مدئجي لڳ ترائي ڪماريو پهچي ڊسٽرڪٽ چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو سردار اظھر خان ڪماريو مدئجي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين نجف حسين خان ڪماريو سان مرحوم سردار همٿ علي خان ڪماريو جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي ته ٻئي طرف ٿرڙي اسٽاپ لڳ پهچي نادر خروس جي والده ۽ نوجوان صحافي جاني خروس جي ڏاڏي جي انتقال تي تعزيت پڻ ڪئي وئي جڏهن ته ڊکڻ لڳ ڳوٺ بگڙا جوڻيجا پهچي جوڻيجا برادري تعلقه ڳڙھي ياسين جي معزز شخصيت مظھر حسين جوڻيجو سان حمايت حاصل ڪرڻ لاء اهم ملاقات ڪئي وئي ته ٻئي طرف ڳوٺ امير بخش جيهو پسواڻي جيها پهچي ربنواز خان جيهو جي چانهن پارٽي ۾ شرڪت ڪئي وئي ته هوڏانهن ڊکڻ شھر پهچي راجا خان جيهو اياز احمد جيهو لال محمد جيهو ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي وئي جتي جيها برادري جي ماڻھن اين اي 193 تي آزاد اميدوار احسان جيهو جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته اسانکي خوشي ٿي آھي جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪو پنهنجو اليڪشن ۾ اميدوار ٿي سامنهن آيو آ هنن وڌيڪ چيو ته سالن کان ٻين کي ووٽ ڏئي تڪ جو نمائندو ته بڻائيندا رهيا آھيو پر مسئلا حل ڪو نه ٿيا آھن هن ڀيري 8 فيبروري تي اوهانجي چونڊ نشان مور پکي تي ٺپو لڳايو ويندو آزاد اميدوار احسان جيهو پاران جيها برادري جي ماڻھن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هاڻي گهڻو ٿي چڪو پنهنجي جي وارثي پاڻ ڪبي سوداگر سياستدانن جيها برادري کي هميشھ استعمال ڪيو جيڪو هاڻي هر گز ٿيڻ ڪو نه ڏبو هن وڌيڪ چيو الحاج غوث بخش خان مهر صاحب ڏهاڪن کان ه تڪ جو ايم اين اي ته بڻيو پر تڪ جي ماڻھن جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ۽ هاڻي هو پنهنجي پٽ شھريار مهر کي تڪ جو ايم اين اي بڻائڻ چاهي ٿو جيڪو سندس جو خواب پورو ڪو نه ٿيندو هن وڌيڪ چيو ته مان تڪ جي عوام مان پر اميد آھيان ته هو هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آھن ۽ 8 فيبروري تي چونڊ نشان مور تي ٺپو هلندو ۽ ڪامياب ٿي عوامي اهنج دور ڪبا