شھيد بينظير ۽ آصف علي زرداري جي نياڻي آصفھ ڀٽو زرداري جو ٽنڊو الھيار ۾ شاندار استقبال

شھيد بينظير ۽ آصف علي زرداري جي نياڻي آصفھ ڀٽو زرداري جو ٽنڊو الھيار ۾ شاندار استقبال

شھيد بينظير ۽ آصف علي زرداري جي نياڻي آصفھ ڀٽو زرداري جو ٽنڊو الھيار ۾ شاندار استقبال

ٽنڊوالهيار: شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه پٽو زرداري جو پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ضياء عباس رضوي پاران تاريخي استقبال هزارين ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو جئي ڀٽو ۔وزير اعظم بلاول جي نعرن جي گونج ۾ ٽنڊوالهيار گونجي اٿيو شاهپور رضوي ۾ هزارين ماڻھن کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم بڻجي عوام جي خدمت ڪندو هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڪستان جي نمبر ون پارٽي ۾ شمار ٿيندي آهي جنهن جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪاميابي ڏياريو ۔ان موقعي تي پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوار سيد ضياء عباس رضوي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو کي ٽنڊوالهيار پهچڻ تي ويلڪم ڪيو ۽ چيو ته ٽنڊوالهيار ضلعو پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ضلعي ٽنڊوالهيار جي ٽنهي سيٽن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا ۔ان موقعي تي پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سيد علي نواز شاھ رضوي ۽ نامزد اميدوار سيد ضياء عباس رضوي شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي کي چادر جا تحفه پيش ڪيا ان موقعي تي اين اي 217 جي اميدوار ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ تڪ پي ايس 59 جي اميدوار رئيس امداد خان پتافي ۔ پ پ اڳواڻ اميد علي دل ۔ عمران ٻٻر ۔اسماعيل مري ۔۔ ظھير پتافي ۔پرويز سمون ۔شاهد جعفر قائمخاني ۔ راجه هاليپوٽو ۔۽ آفتاب جوڻيجو ۔اعجاز مري ۔ سيد جان محمد شاھ اسماعيل ڇڇر ۽ ٻين سوين اڳواڻن شرڪت ڪئي