لاڙڪاڻي جي ايليمينٽري ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي ايليمينٽري ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي ايليمينٽري ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين بي ايڊ جي سالياني فيس ۾ واڌ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين قرت العين، صبا عباسي، ڪرن کوسو، رتبا ميراڻي، عديل مستوئي، عامر عباسي طارق ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج جي انتظاميه طرفان بي ايڊ جي سالياني فيس 2600 مان وڌائي 4600 روپيا ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اڪثر شاگردن ۽ شاگردياڻين جو واسطو غريب طبقي سان آهي جيڪي مشڪل سان بي ايڊ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن کي تعليم کان محروم رکڻ لاءِ بلاجواز فيس ۾ واڌ ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي ان سان ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن، سنڌ جي نگران وڏي وزير، نگران تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته فيس ۾ واڌ واپس وٺي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.