English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ويجھو ڳوٺ پاٻوھر ۾ پاٻوهر يوٿ فورم طرفان پنجون سائنسي ۽ تعليمي ميلو منعقد
9 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
مٺي ويجھو ڳوٺ پاٻوھر ۾ پاٻوهر يوٿ فورم طرفان پنجون سائنسي ۽ تعليمي ميلو منعقد
مٺي(رپورٽر) مٺي ويجھو ڳوٺ پاٻوهر ۾ پاٻوهر يوٿ فورم طرفان پنجون سائنسي ۽ تعليمي ميلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن ۽ ڳوٺ واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ڪلاسن جي شاگردن مختلف قسمن جا سائنسي ماڊلز پيش ڪري ڏسندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اُن موقعي تي مختلف اسڪولن کان آيل ٻارڙن گيت، ڊانس، ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون، فيسٽيول ۾ مختلف ڳوٺن جي شاگردن ۽ استادن پڻ شرڪت ڪئي، سائنسي ۽ تعليمي ميلي ۾ ڳالهائيندي، ڪلارام هميراڻي چيو تہ پاٻوهر يوٿ جا نوجوان جس لهن جنهن ايڏو وڏو تاريخي ڪم ڪيو آهي.رامچند شيواڻي چيو تہ شاگردن جا ماڊلز ڏسي پڪ ٿي آهي تہ اسانجو مستقبل روشن آهي. وڪيل رائيسنگھ سوڍي چيو تہ اهڙا سائنسي ۽ تعليمي ميلا ٿيڻ کپن تہ جيئن ٻارڙن جي بهترين نشونما ٿي سگهي، هُن وڌيڪ چيو ته اهڙا فيسٽيول سال ۾ هڪ ڀيرو نه پر وڌيڪ ٿيڻ کپن تہ جيئن اسانجي گُلن جهڙن ٻارڙن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن، هُن چيو ته منهنجي ڳوٺ جي نوجوانن مان مونکي اُميدون آهن ته اهي نوجوان هڪ ڏينهن منهنجي ڳوٺ جو نالو پوري مُلڪ ۾ روشن ڪندا. ھوتچند لکاڻي چيو ته پاٻوھر جي نوجوانن ٻارڙن کي اڄ اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪيو آھي جنھن جي اڄ جي دور ۾ تمام گھڻي ضرورت آھي، ماستر بچل هاليپوٽي چيو ته ٿر جي ٻھراڙي ۾ اھڙو سائنسي ۽ تعليمي فيسٽيول ڏسي انتھائي گھڻي خوشي ٿي آھي، ھن پي واءِ ايف جي نوجوانن کي جس ڏيندي چيو ته اھڙا پروگرام معاشري جي سڌاري ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا، پيپلزپارٽي جي صدر انجنيئر گيانچند چيو ته اڄڪلھ جي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اھڙن پروگرامن جي تمام گھڻي ضرورت آھي، اسين اھڙا پروگرام ڪري پنھنجي معصومن جي علم جي اڃ اجھائي سگھون ٿا، اختتامي تقرير ڪندي پي واءِ ايف جي صدر اشوڪ ماڌاڻي سڀني جا ٿورا مڃيا، پروگرام ۾ ڪيلاش لوڍا، مھتاب سوٽھڙ، ڪشور جوڌاڻي، دولت اگراڻي، راجيندر چنداڻي، سروپ کتري، لو مالاڻي، اسلم بجير سميت سوين استادن، ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، آخر ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهايا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مٺي
پاٻوهر يوٿ فورم
ڳوٺ پاٻوهر
0 تبصرے