ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت اجلاس

ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت اجلاس

ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 8 جنوري کان 12 جنوري تائين هلندڙ پوليو خلاف قومي مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سليم چيو ته پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پوليو مهم دوران سموريون ٽيمون محنت ڪري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون، هن چيو ته پوليو خلاف مهم 8 جنوري کان شروع ٿيندي، آبادي ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي 5 سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. پوليو خلاف ويڪسينيشن جو هدف 3 لک 42 هزار 165 تائين وڌايو ويو آهي، جڏهن ته پوليو ٽيمن جي تعداد ۾ 16 موبائيل ٽيمن جواضافو ڪيو ويو آهي. ضلعي ۾ ٽيمن جو انگ وڌي 1007 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 6 جنوري بروز ڇنڇر تي ڊپٽي ڪمشنر پوليو خلاف مهم جو افتتاح ڪندو.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو مهم ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن کي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي طرفان انعام ڏنا ويندا.