ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن بابت اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن بابت اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن بابت اجلاس

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت هيٺ 8 کان 14 جنوري 2024ع تائين جاري رهندڙ پوليو خلاف مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪن ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. هن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ موذي مرض آهي، جنهن جو خاتمو اسان سڀني جو قومي فرض آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ھر صورت ۾ سئو سيڪڙو ھدف حاصل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته فنگر مارڪنگ صحيح نموني ڪئي وڃي، جعلي فنگر مارڪنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليو سرگرمين دوران انڪار ڪندڙن کي پڻ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته جنهن يونين ڪائونسل ۾ ڪارڪردگي بهتر نه ٿيندي ان فوڪل پرسن کي معطل ڪيو ويندو، يوسي سيڪريٽريز پوليو مهم دوران بهتر ڪردار ادا ڪن. هن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي پوليو ٽيمن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سفر ڪندڙ ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڪنٽرول روم ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪن ته جيئن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن کي فوري طور حل ڪري سگهجي. هن عوام خاص ڪري علائقي جي معززين ۽ والدين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ۽ پيدائش کان وٺي پنجن سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن هو مستقل معذوري کان بچي سگهن. ان کان اڳ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ٻہ لک 34 هزار 473 ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ھُن ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 محمد علي خواجه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 ڪاشف قريشي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊبليو ايڇ او، پي پي ايڇ آءِ، مرف، تعليم، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي