ڏوڪري ۾ هٿياربند واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هڻي فرار

ڏوڪري ۾ هٿياربند واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هڻي فرار

ڏوڪري ۾ هٿياربند واپاري جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هڻي فرار

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ باءِ پاس تي ڌاڙو، پنج تولا سون، ٻه لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان هٿياربند کڻي ويا، کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا ويا جيڪي غلام عباس جوڻيجو جي گهر ۾ پيا، ڏوڪري باءِ پاس تي نامعلوم پنج هٿياربند عبدالحلیم ٿهيم جي گھر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي پنج تولا سون، ٻه لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا، ان موقعي تي عبدالحليم ٿهيم جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر پيل پنج تولا سون، ٻه لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان رقم کڻي فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ڏوڪري ٿاڻي تي ڏنو ويو. جڏهن ته کوجي ڪتن ذريعي هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا جيڪي باءِ پاس تي غلام عباس جوڻيجو جي گهر ۾ پيا. هوڏانهن ايس ايڇ او ڏوڪري مختيار بهلڪاڻي جو چوڻ هو ته هٿياربند عبدالحليم ٿهيم جي گهر ۾ گهڙي سندس گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي پنج تولا سون، به لک روپيا روڪ رقم کڻي فرار ويا، هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي گذريل رات عباس جوڻيجو جي گهر ۾ پيا ته غلام عباس جوڻيجو پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو هو. هن وڌيڪ چيو کوجي ڪتن ذريعي ٻيهر پيرا کنيا جيڪي ساڳي هنڌ غلام عباس جوڻيجو گهر ۾ پيا، گهر خالي هجڻ جي ڪري ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو.