جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي

جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي

جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي ننڍي ڀيڻ گذاري وئي، مرحومه دل جي آپريشن بعد بيمار ۽ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. اربع ۽ خميس جي وچين رات دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحومه جي جنازي نماز مسجد عبدالعزيز کڏي مارڪيٽ خيابان مجاهد ڊفينس فيز05 ۾ ادا ڪئي وئي، نماز جنازه ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن توڙي جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته مرحومه کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مرڪزي امير سراج الحق، نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، لياقت بلوچ ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمن، ايس يو پي سربراهه سيد زين شاھ ۽ ٻين اڳواڻن محمد حسين محنتي سان ڀيڻ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي آهي.#