English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي هر ضلعي کي جديد اسپتال ۽ وڏي يونيورسٽي جي ضرورت آهي: اياز لطيف پليجو
243 views
|
28th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي هر ضلعي کي جديد اسپتال ۽ وڏي يونيورسٽي جي ضرورت آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد /مورو / سڪرنڊ (رپورٽرن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو مورو، سڪرنڊ شھر پھچڻ تي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، شھرين، واپارين گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس اجرڪن، لونگين ۽ سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا. ان موقعي تي مختلف تقريبن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي کان سواءِ اڳيان نہ ٿو وڌي سگهجي استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندوڏسڻو پوندو تہ ڇا سنڌ جون يونيورسٽيون جديد دنيا سان هم آهنگ آهن. سنڌ جي هر ضلعي کي جديد اسپتال ۽ وڏي يونيورسٽي جي ضرورت آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي، شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آهي نوجوان ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ جهالت جو رستو روڪين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي نگران حڪومت غير جانبدار ناهي، اهو گذريل حڪومت جو تسلسل آهي. سنڌي ماڻهو تبديلي جي ڳالھ تہ تمام سٺي ڪندا آھن مگر جڏھن تبديلي اچڻ واري اليڪشن جو ٽائيم ايندو آھي تہ پوء پاڻ سنڌ جي ھمدردن ھڏ ڏوکين کي ووٽ ڏيڻ بجاء ڪرپٽ، چور، ڀوتارن ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻندڙ پيپلزپارٽي، زرداري ٽولي کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪري ايوانن تائين پھچائيندا آھيون پوءِ واري پنج سال رڙيون دانھون ڪندا آھيون ظالم حڪمرانن مھانگائي ڪري، بدامني جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي. جيڪو اليڪشن ۾ غلط ووٽ ڏئي ٿو اهو پنهنجي تباهيءَ جو کڏو پاڻ کوٽي ٿو، سنڌ جو عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي نہ سگهيو آهي حيرت جي ڳالھ آهي تہ سنڌ جي سمورن ڪرپٽ اميدوارن جا فارم قبول ڪيا ويا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي مسئلن جو حل روشن خيالي، احتساب ۽ غيرجانبدار پرڏيهي پاليسيءَ ۾ آهي سنڌ جي ترقي لاءِ تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو اقليتن ۽ عورتن جي تحفظ ۽ برابري ذريعي پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو آهي سنڌ کي سرداري قبيلائي نظام ۽ وڏيرا شاهي کان نجات ڏيارڻي آهي، سنڌ جي ضلعن ۾ گندو پاڻي ۽ نيڪال جو نظام بهتر ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا پيا ٿين، سڄي سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت ٻيھر وڌي وئي آهي آخرڪار حڪمران ڪھڙي مرض جي دوا آھن جيڪي عوام جون تڪليفون دور ڪندا قوم جو ڪو ڌڻي سائين ڪونھي سنڌي ماڻهن کي چئلنجن کي جرئتمندي سان منھن ڏيڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي غريبن تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ ڪرپٽ حڪمرانن جي لاٽري کليو وڃي جيئن اڳ آيل برساتي ٻوڏ دوران ٻاھرين ملڪن کان ملندڙ امداد حڪمرانن اصل حقدارن تائين پھچائڻ بجاء صرف پنھنجا پيٽ ڀريا عوام اڄ بہ دربدر آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ افغانين برمين ۽ کي آباد ڪيون جنھن سبب ٻاھرين لوڌ ايندي رھي ٿي ۽ انھن کي آساني سان سڃاڻپ ڪارڊ بہ ٺاھي ڏنا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجو چيو تہ سياست ۾ مستقل مزاجي سان ھلڻ جي ڪري اسين ھتي موجود آھيون ٻئي صورت ۾ اسان جو وجود ختم ٿي چڪو ھجي ھا اسان کي انتھا پسندي جي آڙ ۾ گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي مگر اسان اھڙي گمراھ ڪندڙ انتھا پسندي کي ھميشه رد ڪيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سڪرنڊ
قومي عوامي تحريڪ جي
اياز لطيف پليجو
ayaz latif palijo
qaumi awami tehreek
0 تبصرے