علي آباد مان عادل الطاف ۽ عدنان الطاف انڙ جي قيادت ۾ ھزارين ماڻھن جو قافلو شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شريڪ

علي آباد مان عادل الطاف ۽ عدنان الطاف انڙ جي قيادت ۾ ھزارين ماڻھن جو قافلو شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شريڪ

علي آباد مان عادل الطاف ۽ عدنان الطاف انڙ جي قيادت ۾ ھزارين ماڻھن جو قافلو شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شريڪ

باقراڻي(رپورٽر) شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي سورهين ورسي جي موقعي تي تازو پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙ لاڙڪاڻي جي سگهاري سياسي شخصيتن عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو قافلو علي آباد کان ڳڙهي خدابخش ڀُٽو پهتو. ڳوٺ حڪيم سنديلو مان وڏيرو واجد علي سنديلو ۽ حيدري سنديلو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي قافلي سميت باقراڻي، ڳيريلو، ڏوڪري، باڊهه ۽ نصيرآباد جي مختلف ٽائون ڪاميٽين ۽ يوسيز مان هزارين ماڻهن جا قافلا علي آباد پهتا جتان عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي قيادت ۾ ھزارين ماڻھن جو قافلو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي منعقد جلسي ۾ شريڪ ٿيو، ان کان اڳ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عادل الطاف خان انڙ چيو ته شهيد بينظير ڀُٽو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر عالمي ليول جي اڳواڻ هئي، هن غريب عوام جا اهنج ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو جنهن تي کيس خراج پيش ڪيون ٿا. عادل الطاف انڙ چيو ته شهيد بينظير جي مشن کي پائي تڪميل تائين پهچائڻ ۽ عوام جي خدمت لاءِ پرعزم آهيون، انشاءَ الله پي ايس تيرهن تي ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪبي. ان موقعي تي عدنان الطاف خان انڙ پنهنجي ورڪرن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي، اسان مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياست کان نه ڄاڻو، عوام جي مفادن ۽ خوشحالي لاءِ سياست ڪندا آهيون، ڳڙهي خدابخش ڀُٽو ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي عوام ۽ ملڪ دشمن قوتن کي ٻڌائيندا ته ملڪ جي هر مسئلي جو حل جمهوريت ئي آهي.