ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، دي ڊيموڪريٽس پاران 12 رڪني پئنل جو اعلان

ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، دي ڊيموڪريٽس پاران 12 رڪني پئنل جو اعلان

ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، دي ڊيموڪريٽس پاران 12 رڪني پئنل جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن جي حوالي سان دي ڊيموڪريٽس پاران 12 رڪني پينل جو اعلان ڪيو ويو، دي ڊيموڪريٽس پينل ۾ روزاني بزنس رڪارڊ مان صدر جو اميدوار سعيد سربازي، روزاني ڪاوش مان نائب صدر جو اميدوار عبدالرشيد ميمڻ، روزاني امت مان خزانچي احتشام سعيد قريشي، نيوز ون مان سيڪريٽري جي سيٽ جي لاءِ شعيب احمد ۽ روزاني جنگ مان جوائينٽ سيڪريٽري لاءِ محمد منصف جي نالي جو اعلان ڪيو ويو، گورننگ باڊي جي لاءِ ٽيلون نيوز جي ميمونا صديقي، فري لانس جي نواب قريشي، روزاني نئون سج ڪراچي جي نور محمد ڪلھوڙو، جيو نيوز جي رانا جاويد عمران، دنيا نيوز جي شمس ڪيريو، روزاني ڊان جي شازيھ حسن ۽ روزاني جنگ جي شعيب احمد جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ جي لاءِ پولنگ 30 ڊسمبر 2023 تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندي، پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنھن وقفي جي جاري رھندي، جڏھن تھ 1503 ميمبر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا