حيدرآباد: پي ايس 60 قاسم آباد تي اياز لطيف پليجو جو نامزدگي فارم منظور

حيدرآباد: پي ايس 60 قاسم آباد تي اياز لطيف پليجو جو نامزدگي فارم منظور

حيدرآباد: پي ايس 60 قاسم آباد تي اياز لطيف پليجو جو نامزدگي فارم منظور

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو پي ايس 60 قاسم آباد جي ريٽرننگ آفيسر وٽ پيش ٿيو، جتي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ريٽرننگ آفيسر اياز لطيف پليجي جو نامزدگي فارم منظور ڪري ورتو. ھوڏانھن قاسم آباد جي علائقي پرنس ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس تي تڪ جي مختلف علائقن مان آيل ماڻھن اياز لطيف پليجي سان ملاقات ڪري پنھنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ ڌانڌلين ذريعي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ماڻھو اقتدار تي مسلط ڪيا ويا، اقتدار ۽ ڪرپشن جي حوس ۾ سنڌ جا وسيلا لٽيا ويا. اربين کربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي عوام کي ڪنگال ڪيو ويو آھي. ايندڙ اليڪشن ۾ ڌانڌليون ٿيڻ نہ ڏنيون وينديون. عوام جي راءِ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏنو ويندو. ڪامياب ٿي سنڌ جي ترقي جا مثال قائم ڪنداسين. ڪارونجھر سنڌ جو تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ٽولو 15 سالن کان سنڌ تي قابض تي ھر شئي نيلام ڪئي آھي. نگران حڪومت کي سنڌ جي وسيلن جي نيلامي جو ڪو اختيار ناھي. نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ واري ذميواري نڀائي. پيپلز پارٽي بيھر اقتدار لاءِ 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا. ڪڏھن ٻيٽن جو سودو، ڪڏھن بندرگاهن جو سودو، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي لينڊ مافيا حوالي ڪئي وئي.