شڪارپور: اين اي 193 جي اميدوار احسان جيھو جو فارم بحال ٿيڻ تي سندس مان ۾ آجياڻا

شڪارپور: اين اي 193 جي اميدوار احسان جيھو جو فارم بحال ٿيڻ تي سندس مان ۾ آجياڻا

شڪارپور: اين اي 193 جي اميدوار احسان جيھو جو فارم بحال ٿيڻ تي سندس مان ۾  آجياڻا

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ڳڙھي ياسين لکي جي تڪ اين اي 193 تي اميدوار سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيهو جو ايم اين لاء نامينشن فارم بحال ٿيڻ جي خوشي ۾ ھمايون شريف لڳ سندس جي ڳوٺاڻن نوجوانن ڳوٺ علي آباد جيهو جي نوجوان وڏيري ڀاڻج سفير خان جيهو ،ڳوٺ محمد امين جيهو جي نوجوان وڏيرو الياس خان جيهو پاران ڳوٺ جي جيها فارم تي سندس مان ۾ چانهن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو نوجوانن پاران مان ۾ چانهن پارٽي ۾ شڪارپور کان همايون شريف لڳ جيها فارم تي پهچي شرڪت ڪئي وئي جتي کين شاندار استقبال ڪيو ويو چانهن پارٽي ۾ ڊاڪٽر شاهد حسين جيهو ديھ محبت فقير جاگير جو اڳوڻو ڪائونسلرعبدالرئوف جيهو سرفراز علي جيهو ، فهيم احمد سرڪي ، ڪامريڊ راشد سڌايو محمد مقيم جيهو سميت ڳوٺاڻن نوجوانن پاران شرڪت ڪئي وئي انهي موقعي تي نوجوانن نامزد اميدوار ڪامريڊ احسان جيهو سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اوهان سان اين اي 193 تي اليڪشن ۾ هر قسم جو سهڪار ڪنداسين ۽ اوهان سان قدم به قدم گڏ آھيون هنن وڌيڪ چيو ته ايڪس منسٽر نمائندن گذريل پنجن سالن جي ٽينيوئر ۾ علائقي واسين جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا اسانجي ڳوٺن جي اکڙيل روڊ جي رپيئرنگ جا واعدا وفا به نه ڪيا قدرتي آفت بارشن وقت به ايڪس نمائندا نظر ڪو نه آيا سندن جي علائقائي عوامي خدمتن واري ڪارڪردگي زيرو رهي هوڏانهن عوامي خدمتن واري سماجي ڪئمپ آفيس ۾ به ڳوٺاڻن مسئلن توڙي ديھ محبت فقير جاگير واسي پاڙيسرين جي مسئلن معاملن تي به خيالن جو اظھار پڻ ڪيو ويو ته علائقائي مسئلن تي به ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ڪامريڊ احسان جيهو ڳالهائيندي ته ايم اين اي جو اميدوار ٿي اليڪشن وڙھڻ جو هڪ سبب اهو به آھي ته ايڪس نمائندن عوام کي مايوس ڪيو بنيادي مسئلا حل نه ڪيا هي اليڪشن سندن جو احتساب هوندو 8 فيبروري تي عوامي ريفرنڊم جو ثابت ٿيندو عوام ايڪس نمائندن کي شڪست ڏئي عوامي نمائندي طور ڪامياب ڪندا ته جينن قومي اسيمبلي ۾ پهچي کين مڪمل انصاف ڏياريندس ۽ بنيادي مسئلا حل ڪبا