English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب نوجوان ناري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
views
|
20th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏھرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب نوجوان ناري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
ڏهرڪي(عمران علي ملڪ ) ڏهرڪي ۾ اوباش نوجوان خلاف ڪاروائي لاءِ پوليس وٽ دانهيندڙ شادي شده عورت ٽن ٻارن جي ماءَ انصاف نه ملڻ تي مايوسي وچان نشي آور گوريون کاهي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو پوليس پاران اوباش نوجوان ۽ سندس وينگارو پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي فوتي عورت جي وارثن جو لاش کڻي ٿاڻي آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو اوباش نوجوان ۽ سندس وينگارو بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڊي ايس پي اوٻاوڙو مظاهرين وٽ پهچي فوتي عورت جي وارثن کان انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو پوليس ڪاروائي ڪندي اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ کي گرفتار ڪري مٿان عورت جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڏهرڪي شهر جي امام بارگاره واسڻ شادي شده ٽن ٻارن جي ماءَ 26 سالا سعديه زال عبدالحميد سومرو پاران اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ خلاف ڪاروائي لاءِ پوليس ۽ ميڊيا وٽ دانهيندي نيٺ انصاف نه ملڻ تي مايوسي وچان نشي آور گوريون کاهي ڇڏيون جنهن کي وارثن پاران بيهوشي واري حالت ۾ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحميارخان جي اسپتال ۾ ني ويو جتي هو فوت ٿي وئي جنهن بعد فوتي عورت جي وارثن پاران فوتي عورت سعديه جو لاش کڻي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هينو ان موقعي تي فوتي عورت جي بيواه ماءَ مائي تاج سومرو دانهيندي ٻڌايو ته اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ سندس ڌي سعديه کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان دوستي لاءِ تنگ ڪندو جنهن خلاف آئون ڌي سعديه سان گڏجي انصاف لاءِ پوليس ۽ ميڊيا وٽ دانهيو پر دانهڻ باوجود پوليس سندس ڌي کي انصاف فراهم ڪرڻ بدران الٽو اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ جي وينگارو بڻجي الٽو اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري سعديه جي مڙس عبدالحميد سومرو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد پوليس جي اهڙي جي عمل تي سندس ڌي مايوسي وچان گهر ۾ نشي آور گوريون کاڌيون جنهن بعد هو بيهوش ٿي وئي جنهن کي اسان بيهوشي واري حالت ۾ رحميارخان کڻي وياسون پر هو اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي هن چيو ته جيڪڏهن پوليس ڌي جي زندگي زهر ڪندڙ اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ خلاف ڪاروائي ڪري ها ته سندس ڌي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ٿئي ها هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس ڌي جي حياتي کسيندڙ اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ ۽ سندس وينگارو بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن فوتي عورت جي وارثن پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو قلندر بخش سومرو مظاهرين وٽ پهچي فوتي عورت جي وارثن کان انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏهرڪي
اوباش نوجوان خلاف
0 تبصرے