English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب نوجوان ناري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
136 views
|
20th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏھرڪي ۾ اوباش نوجوان پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب نوجوان ناري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
ڏهرڪي(عمران علي ملڪ ) ڏهرڪي ۾ اوباش نوجوان خلاف ڪاروائي لاءِ پوليس وٽ دانهيندڙ شادي شده عورت ٽن ٻارن جي ماءَ انصاف نه ملڻ تي مايوسي وچان نشي آور گوريون کاهي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو پوليس پاران اوباش نوجوان ۽ سندس وينگارو پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي فوتي عورت جي وارثن جو لاش کڻي ٿاڻي آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو اوباش نوجوان ۽ سندس وينگارو بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڊي ايس پي اوٻاوڙو مظاهرين وٽ پهچي فوتي عورت جي وارثن کان انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو پوليس ڪاروائي ڪندي اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ کي گرفتار ڪري مٿان عورت جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڏهرڪي شهر جي امام بارگاره واسڻ شادي شده ٽن ٻارن جي ماءَ 26 سالا سعديه زال عبدالحميد سومرو پاران اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ خلاف ڪاروائي لاءِ پوليس ۽ ميڊيا وٽ دانهيندي نيٺ انصاف نه ملڻ تي مايوسي وچان نشي آور گوريون کاهي ڇڏيون جنهن کي وارثن پاران بيهوشي واري حالت ۾ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحميارخان جي اسپتال ۾ ني ويو جتي هو فوت ٿي وئي جنهن بعد فوتي عورت جي وارثن پاران فوتي عورت سعديه جو لاش کڻي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هينو ان موقعي تي فوتي عورت جي بيواه ماءَ مائي تاج سومرو دانهيندي ٻڌايو ته اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ سندس ڌي سعديه کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان دوستي لاءِ تنگ ڪندو جنهن خلاف آئون ڌي سعديه سان گڏجي انصاف لاءِ پوليس ۽ ميڊيا وٽ دانهيو پر دانهڻ باوجود پوليس سندس ڌي کي انصاف فراهم ڪرڻ بدران الٽو اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ جي وينگارو بڻجي الٽو اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري سعديه جي مڙس عبدالحميد سومرو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد پوليس جي اهڙي جي عمل تي سندس ڌي مايوسي وچان گهر ۾ نشي آور گوريون کاڌيون جنهن بعد هو بيهوش ٿي وئي جنهن کي اسان بيهوشي واري حالت ۾ رحميارخان کڻي وياسون پر هو اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي هن چيو ته جيڪڏهن پوليس ڌي جي زندگي زهر ڪندڙ اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ خلاف ڪاروائي ڪري ها ته سندس ڌي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ٿئي ها هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس ڌي جي حياتي کسيندڙ اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ ۽ سندس وينگارو بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن فوتي عورت جي وارثن پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو قلندر بخش سومرو مظاهرين وٽ پهچي فوتي عورت جي وارثن کان انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي اوباش نوجوان عبدالحميد چاچڙ کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏهرڪي
اوباش نوجوان خلاف
0 تبصرے