نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنهڙ ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف طرفان سيمينار

نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنهڙ ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف طرفان سيمينار

نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنهڙ ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف طرفان سيمينار

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنهڙ ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع قمبر شهدادڪوٽ طرفان هڪ ڏينهن ٽرائينگيولر ليول تي سيمينار بعنوان ڪارڪن ڇا آهن. اڳواڻ جون ڪهڙيون خوبيون آهن. ميمبر جا ڪهڙا فرض آهن. ۽ رڪارڊ ڪيپنگ يعني رڪارڊنگ کي ڪئين ٺاهجي؟ ٿي گذريو جنهن ۾ ضلعي جي ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي.انهيءَ موقعي تي ليڪچر ڏيندي نوجوان ليکڪ ۽ اديب ساجد مسڻ چيو ته تنظيم اندر ڪارڪن جي اهميت ۽ حيثيت ائين آهي جئين جسم ۾ ڪرگنهي جي هڏي ڪارڪن ڪڏهن به ذاتيات يا انفراديت جا قائل نه هوندا آهن. هو هميشه تنظيم جي اجتماعي مفاد جا قائل هوندا آهن.ٻي موضوع ميمبر جون ذميواريون تي خيالن جو اظهار ڪندي ساجد مسڻ چيو ته ميمبر پنهنجون ذميواريون پاڻ مرادو وقتائتيون پوريون ڪندا آهن وقت تي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ جيڪو ڪم کين مليل هوندو آهي، اهو خوش اصلوبي سان پورو ڪندا آهن.ٽريننگ ڪميٽي جي ميمبر مزمل احمد جوڻيجو رڪارڊ ڪيپنگ تي ليڪچر ڏيندي چيو ته رڪارڊ تنظيم جو اثاثو هوندو آهي آهي، جنهن کي هر حال ۾ مينٽين ڪرڻ گهرجي، جيڪو تاريخ جو ورثو ٿي ويندوآهي. رڪارڊ ڪيپنگ سان تنظيم جي تاريخ کي سمجهڻ سان سولائي ٿيندي آهي. هڪ ڏينهن سيمنار ۾ ضلع صدر فياض احمد جوڻيجو چيو ته اسان پنهنجي ٽينيوئر ۾ شاگردن جي ذهني ۽ شعوري اوسر واڌائڻ واسطي پروگرام ڪرائيندا رهندا آهيون،هي اڄوڪو پروگرام به ان جي ڪڙي آهي، هن اڄوڪي پروگرام ۾ ضلع جنرل سيڪريٽري فضل ڪريم جوڻيجو، پريس سيڪريٽري ظفر الله جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان جوڻيجو، عطا حسين جوڻيجو، غازي خان جوڻيجو سميت ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.