ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ جا اڳوڻا ايم پي اي ۽ صوبائي وزير دهل شرنائين سان آر او آفيس پھتا

ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ جا اڳوڻا ايم پي اي ۽ صوبائي وزير دهل شرنائين سان آر او آفيس پھتا

ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ جا اڳوڻا ايم پي اي ۽ صوبائي وزير دهل شرنائين سان آر او آفيس پھتا

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) پيپلز پارٽي جا اڳوڻا ايم پي اي ۽ صوبائي وزير دهل دمامن سان قافلي جي صورت ۾ آر او آفيس ضلع ڪامپليڪس پهچي ويا، پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ تڪ تي اڳوڻو ايم پي اي عابد خان سندراڻي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، اڳوڻي ايم پي اي عابد خان سندراڻي سان گڏ اڳوڻو صوبائي وزير شبير علي خان بجاراڻي،اڳوڻو ايم پي اي سردار محبوب علي خان بجاراڻي ساڻس گڏ هئا، ڪنڌڪوٽ:پ پ جي اميدوارن جو ضلع ڪامپليڪس آر او آفيس قافلي جي صورت ۾ پهچڻ وقت دهل وڃائي خوشي ڪئي وئي، شبير علي خان بجاراڻي جو چوڻ ھو تھ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اسان جا سڀئي اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا، ڀل مون خلاف ڪيترا به اتحاد ٺهن ڪجه به نه ٿيندو، آءُ ته اهو چوندس ته منهنجي مقابلي ۾ سومرو اچي ته اليڪشن ۾ مزو اچي، اڳ ۾ به مون پ پ جي ٽڪيٽ تي کٽيو هو هاڻ به کٽي عوام جي خدمت ڪندس.