ٺٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران احتجاج، تحفظ جو مطالبو

ٺٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران احتجاج، تحفظ جو مطالبو

ٺٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران احتجاج، تحفظ جو مطالبو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) دڙو لڳ کڏي ٻيلي ضلعو سجاول جي پريمي جوڙي ٺٽي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو جوڙي پاران جان کان مارڻ جي ڌمڪين خلاف عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس تحفظ جي گهر تفصيل موجب دڙو جي کڏي ٻيلي جي نوجوان ناري زرينه جانوري ڌي امام بخش جانوري پنهنجي برادري نوجوان علي احمد جانوري پٽ گل حسن گذريل ٻه ڏينهن اڳ ٺٽي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ کان پو۽ ناري زرينه جانوري ۽ سندس مڙس علي احمد جانوري کي ناري جي وارثن وڏيري سومار جانوري جي بڇ تي امام ڏنو جانوري ماڻڪ جانوري نواب جانوري علي غلام جانوري محبوب جانوري توڙي نوجوان جي والد گل حسن جانوري پاران کين جان کان مارڻ جي ڌمڪين خلاف عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهون پريمي جوڙي ايس ايس پي سجاول ڊي آئي جي حيدرآباد آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان تحفظ جي گهر