گڏاپ: سچل ڳوٺ جي بينظير ڀٽو لائبريري ۾ قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ تقريب

گڏاپ: سچل ڳوٺ جي بينظير ڀٽو لائبريري ۾ قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ تقريب

گڏاپ: سچل ڳوٺ جي بينظير ڀٽو لائبريري ۾ قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ تقريب

گڏاپ (رپورٽر) ڪراچي سچل ڳوٺ بينظير ڀٽو لائبريري ۾ سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي قومي راڳي مرحوم سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي مختلف سياسي سماجي ماڻھن جي شرڪت مختلف فنڪارن قومي راڳي سرمد سنڌي جا ڪلام ڳائي سندس جي يادن کي تازو ڪيو خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ جي بينظير ڀٽو لائبريري ۾ قومي راڳي سرمد سنڌي جي ياد ۾ سچ سوشل ويلفيئر جي اڳواڻ وھاب سومرو طرفان تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن بيدل مسرور اظهر جوکيو وهاب سومرو جاويد شيخ آفتاب گوپانگ اظھر شاھ سليم ميمڻ رمضان رند ذاڪر ڪانڌڙو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن ۾ سرمد سنڌي جي ياد ۾ سندس کي ڀيٽا ڏني وئي ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ سرمد سنڌي سنڌ جو ھڪ بھترين فنڪار ھو جنھن سنڌ جي غريب ماروئڙن جي ڏکن کي پنھنجي سريلي آواز ۾ ڳايو جيڪو بغير ڪنھن لالچ جي سنڌي ماڻھن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي ماروئڙن جي ڪلامن ذريعي پرچار ڪندو ھو سندس جي ڳايل گيتن سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ جدوجھد جو ڄڻ روح ڦوڪي ڇڏيو ھو ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو تـ سرمد سنڌيءَ جا ڪيترائي گيت اڄ بـ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ مشھور آھن سندس جي ڳايل ڪلامن کي اڄ بـ ھر ٻڌو وڃي ٿو ھنن وڌيڪ چيو تـ سرمد سنڌي جا ڪلام مزاحمت جي علامت آھن ان موقعي تي مختلف فنڪارن طرفان سرمد سنڌي جا ڪلام ڳائي مرحوم جي يادن کي تازو ڪيو ويو