نوشھروفيروز ويجھو پوليس جي ڳوٺ تي مبينا چڙھائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

نوشھروفيروز ويجھو پوليس جي ڳوٺ تي مبينا چڙھائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

نوشھروفيروز ويجھو پوليس جي ڳوٺ تي مبينا چڙھائي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ نِم وارا کوسا تي پوليس جي چڙھائي، نوشهرو فيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالخالق شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ بعد اقبال کوسي جي گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي. گنديون ٽوڙيون ويون، 2 مينهون ۽ 2 وڇُون ڪاھي ويون. ڳوٺاڻي اقبال کوسي ٻڌايو ته ايس ايڇ او عبدالخالق شاهه مون کي ٻن ٽن ڏينهن کان فون ڪري 2 لک گهري رھيو ھو ۽ چيو ته 2 لک نه مليا ته حشر برو ڪندوسانوَ جنهن کانپوءِ هن چڙھائي ڪري 2 مينهون ۽ 2 وڇون ڪاهيون ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته پوليس کي 2 لک ڏيون پوءِ وارداتون ڪيون نه! پوليس ته هٿ سان اسان کي ڏوهن ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري جنهن جو اعليٰ اختيارين وارا نوٽيس وٺن ۽ ڪاھيل مال واپس ڪن. اقبال کوسي جي ماءُ ٻڌايو ته مان بيمار آھيان پوليس چڙھائي ۾ منهنجو بلڊ پريشر وڌي ويو، اُلٽيون ۽ مٿي کي چڪر وٺي ويا اسان تي نه ڪو فريادي يا ڀاڳيو بيٺو آھي پوليس پئسا گُهري اسان جي اولاد کي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان جي ڪو ڏوهه ڪيون ها ته پوليس وٽ ثبوت هجي ها هنن کي مال ۽ انُ پئي کتو تڏهن مال به ڪاهين ته گڏهن جي ڪٽِيءَ جي گُندين کي به ڀڳن. هن پوليس جي ظلم کان بچائڻ جي گهر ڪئي. هوڏانهن پوليس جو اهو موقف آھي ته نوشهرو فيروز ۾ موٽر سائيڪل ۽ ٻين چورين، ڦرون آھن اسان شڪ جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي. ٻئي طرف شهرين جو موقف آھي ايس ايڇ او عبدالخالق شاهه ۽ ايس ايس پي عابد بلوچ ڏوهارين جا رکوالا آھن کين ڪهڙي به نموني ڀتو ملي ۽ ڀلي وارداتون ٿين