English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر جي صدارت هيٺ اجلاس
213 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر جي صدارت هيٺ اجلاس
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر و ضلعي رٽرننگ آفيسر ٺٽو جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اهم اجلاس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪاشف قريشي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت پوليس، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، تعليم، صحت، حيسڪو، سوشل ويلفيئر، ٽائون آفيسرن ۽ ٻين سمورن کاتن جي ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ سڪيورٽي انتظامن، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ ريٽرننگ آفيسرن کي لاجسٽڪ سپورٽ جي فراهمي، رٽرننگ آفيسرن کي ڊفالٽرن جي لسٽ فراهم ڪرڻ، پولنگ عملي جي ٽريننگ دوران حاضري کي يقيني بڻائڻ، حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ جي فراھمي، چونڊ عمل جي پڄاڻي تائين ضلعي رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسرن ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر جي آفيسن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ، صحت کاتي پاران ايمرجنسي هيلٿ پلان جي فراهمي، پولنگ اسٽيشنن تي بنيادي سهولتن جي عدم دستيابي بابت اڳڀرائي جي حوالي سان اهم ڳالھ ٻولھ ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر اسد علي خان سمورن کاتن جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل عملدار کي منعقد ٿيندڙ ٽريننگ دوران موجودگي لاءِ پابند بنائين جيڪا سندن ذميواري آهي، ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته 10 جنوري کان اڳ سمورين پولنگ اسٽيشنن تي گهربل سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرست اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي سگهجي، ان ڏس ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي برداشت نہ ڪئي ويندي. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو 24 ڊسمبر کان پوءِ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ان کان علاوه سمورين پولنگ اسٽيشنن جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر پلان جوڙين ته جيئن عام چونڊون پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پولنگ اسٽاف ۽ مٽيريل کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ ۽ اليڪشن کان پوءِ کين واپس آڻڻ لاءِ ويگنن، ڪوسٽرن ۽ ٻين گاڏين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو تہ ان ڏس ۾ گاڏين جا مالڪن کي ڪرايو ادا ڪيو ويندو. هن حيسڪو، سوئي گيس، پي ٽي سي ايل ۽ بينڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ھو فوري طور تي يوٽيلٽيز جي حوالي سان ڊفالٽرن جي لسٽ فراهم ڪن ته جيئن نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ دوران ان کي چيڪ ڪري سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه اليڪشن جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته چونڊن جو صاف، شفاف ۽ پرامن انعقاد اسان سڀني جو قومي فرض آهي ۽ چونڊن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مدد فراهم ڪرڻ سمورن کاتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري پڻ آھي. ان کان اڳ ضلعي اليڪشن ڪمشنر عمران احمد آرائين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاران عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون ٿينديون، ھن ٻڌايو تہ ان ڏس ۾ تعلقي ميرپور ساڪرو ۽ ڪيٽي بندر جي 1086 مرد ۽ 385 عورتن پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ جڏھن تہ تعلقي ٺٽي ۽ گهوڙاٻاري جي 2717 مرد ۽ 962 عورتن پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول مڪلي ۾ قائم ٽريننگ سينٽرن ۾ تربيت ڏني ويندي تہ جيئن پولنگ واري عمل کي بھتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ضلعي رٽرننگ آفيسر ٺٽو
ڊپٽي ڪمشنر
عام چونڊن 2024ع
رٽرننگ آفيسر ٺٽو اسد علي خان
0 تبصرے