English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي ۽ ڊي آر او جي صدارت ۾ اليڪشن جي حوالي اھم گڏجاڻي
views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي ۽ ڊي آر او جي صدارت ۾ اليڪشن جي حوالي اھم گڏجاڻي
سجاول(رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اهم ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي سموريون سهولتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ سمورن کاتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ۽ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس آفيس ۾ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ بابت هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت تعليم، صحت، ايجوڪيشن ورڪس، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن، پولنگ عملي جي تربيت، بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ، ايمرجنسي هيلٿ پلان، پولنگ اسٽيشنن تي بنيادي سهولتن جي فراهمي، ٽرانسپورٽ سميت چونڊ عمل ۽ ٻين انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ عبدالواجد شيخ ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن ۾ پيئڻ جو پاڻي، بجلي، واش رومز، فرنيچر، ريمپ ۽ ٻيون سمورين گهربل سهولتن جي موجودگي سميت پولنگ اسٽيشنن جي مرمت ۽ بحالي ۽ ٻين انتظامن کي هر صورت ۾ 15 جنوري کان اڳ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پولنگ اسٽيشنن جي حتمي لسٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي سگهجي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هُن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن سميت سمورين پولنگ اسٽيشنن جي سڪيورٽي لاءِ فول پروف پلان تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به امڪاني اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي ۽ چونڊ عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اليڪشن جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين چيو ته مرد ۽ عورت پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي چونڊن جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي ته جيئن اليڪشن واري ڏينهن پولنگ جو عمل بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. هن چيو ته سمورن کاتن جا آفيسر پنهنجي لاڳاپيل عملي کي تربيت دوران شرڪت لاءِ پابند بڻائين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
ايس ايس پي شهلا قريشي
ڊپٽي ڪمشنر
رٽرننگ آفيسر سجاول
0 تبصرے