حيدرآباد ۾ نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمد خان ابڙي سان مڃتا رھاڻ ۽ سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ جي سھيڙيل ڪتاب جي مھورت

حيدرآباد ۾ نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمد خان ابڙي سان مڃتا رھاڻ ۽ سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ جي سھيڙيل ڪتاب جي مھورت

حيدرآباد ۾ نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمد خان ابڙي سان مڃتا رھاڻ ۽ سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ جي سھيڙيل ڪتاب جي مھورت

حيدرآباد:(پ-ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي ھڪ ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمد خان ابڙي سان مڃتا رھاڻ ۽ سندس شخصيت ۽ سندس لکڻين بابت سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ جي سھيڙيل ڪتاب ” اچو سورن واريون “ جي پڌرائي حيدرآباد جي بتول شادي ھال ۾ ٿي ، صدارت نامياري اديب شاعر ڪالم نويس اعجاز منگي ڪئي ، تقريب جو مور محمد خان ابڙو ھو ، تقريب جا خاص مھمان ناميارا اديب ، شاعر نياز پنھور ، زبيده ميتلو ، شوڪت ميمڻ ، گل بي بي شاھ ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل تاج جويو ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ، احمد سولنگي ۽ يوسف سنڌي ھئا ، تقريب جي ڪمپيئرنگ نامياري شاعر نصير مرزا ڪئي، تقريب کي صدارتي خطاب ۾ نامياري اديب شاعر ڪالم نويس اعجاز منگي چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي ٽٽڻ بعد محمد خان ابڙي جي ڪوشش سان ٻيھر جڙڻ تي سنڌ سنگت کي مبارڪباد ڏيان ٿو ، زين شاھ کي شابس ھجي ان به ڪوشش ڪئي پر محمد خان جي ڪري سنگت ملي ھڪ ٿي وئي ، محمد خان ابڙو محنتي، محبتي ۽ پورھيو ڪندڙ ماڻھو آھي ، سنڌ ۾ ڏاڍي ٻوسٽ آھي ، ماڻھن پنھنجا پھريان ٻچا وڪيا پوء ضمير وڪرو ڪيا . سنگت دنيا جي وڏي تنظيم آھي ، اھا سائيز ۾ نه ڪردار ۾ وڏي ھجڻ گھرجي ، عظيم ماڻھو اعتراف ڪندا آھن ، سيد وڃايوسين ۔ پليجو ڄام آريسر امداد حسيني وڃاياسين ، ننڍڙن عھدن تي ڇتا ٿي پيا آھيون ، اديب شاعر اکين ۾ نوان خواب پوکيندا آھن، اديب قوم جو ڪردار ٺاھيندو آھي ۔ جنھن جنھن ڪمپرومائيز ڪيو آھي، ان پنھنجي قلم کي تڪليف ڏني آھي ، ماڻھو پوڙھا ۽ شھر جوان ٿيندا پيا وڃن ، حيدرآباد محبوب شھر آھي، اڳ تاج جويي جا وار ڪارا ھئا ۽ شيخ اياز کي 1987ع ۾ حيدرآباد وٺي آيو ھو، اسان وقت سان گڏ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ٿي ويا آھيون ، بھارون خزائن ھٿان خون ٿي رھيون آھن ، اڳ آئيڊيل ماڻھو ۽ ھاڻ مسخرا مستندن تي ويٺا آھن ، نامياري ليکڪ ڪالم نويس محمد خان ابڙو چيو ته سنگت کي ھڪ ڪرڻ ۾ ڪو به ذاتي مفاد نه ھو ، تاج جويو ۽ مشتاق ڦل پنھنجو ڪردار ادا ڪري تاريخ ۾ سرخرو ٿيا ۽ ھنن ادبي سنگت کي ھڪ ڪري تاريخ جو فرض پورو ڪيو ۔ مان جيڪو به لکان ٿو پنھنجي ضمير موجب لکان ٿو ، مون تاج جويي خلاف لکيو پر ھن جو مون تي شفقت وارو ھٿ رھيو ، منھنجي نيت ۾ کوٽ ناھي رھي ، سنڌي ادبي سنگت کي ھڪ ڪرڻ وقت مون تي الزام لڳا ، سرڪار تنظيمن کي ٽوڙيندي آھي مون سرڪار جي سوچ ڄي ابتڙ ڪم ڪيو. مون جنھن به ڪم کي ورتو آھي اڌ ۾ ناھي ڇڏبو ، تاريخ مڃتا دير سان ڏيندي آھي ، ڪراچي ۾ سنڌين جو وجود آھي ته ان ۾ مون جھڙن گمنام ماڻھن جو به ھٿ آھي . سنڌ جي شعور ۽ قومي ڪارڪنن کي ٿڌو پاڻي پياريو آھي ، مون ان تاثر کي ختم ڪيو ته چار اديب به ٺھي نه ٿا سگھن . ڪتاب جي مرتب ۽ سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ چيو ته ڪنھن جو به پورھيو ضايع ناھي ٿيندو محمد خان ابڙي کي سندس محبت محنت ۽ پورھئي جي ڪري مان ۽ مڃتا ملي آھي. نامياري شاعر اديب سينيئر صحافي نياز پنھور چيو ته محمد خان ابڙو پنھنجي ذات ۾ گھڻ پاسائين شخصيت آھي ، ھن ادب ۽ صحافت ۾ جيڪو ڪم ڪيو ان کيس وڏين شخصيتن جي صف ۾ آڻي بيھاريو آھي ۔ سنڌ جي وڏين ۽ مشھور اخبارن روزاني ڪاوش ۽ جنگ ۾ ڪالم لکي ٿو ، وفاق جو سنڌ سان ڇاٿو وھي واپري اھو ڪالمن ۾ لکي محمد خان ابڙي پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي ۔ سنڌي ادبي سنگت کي ھڪ ڪري محمد خان ابڙي وڏو ڪم ڪيو آھي، ناممڪن ٿيندڙ ڳالھ کي ھن جي شخصيت ممڪن بڻايو . سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي چيو ته محمد خان ابڙي ۽ اسان سنڌي ادبي سنگت جي 5 سالن جي انتشار کي 5 مھينن ۾ ختم ڪري ڏيکاريو ، احمد سولنگي ، مشتاق ڦل ، يوسف سنڌي ۽ آزاد ڪانڌڙي جو به سٺو رول رھيو. محمد خان ابڙي عزت ۽ محبت ۽ اسان جي مشاورت سان سنگت کي ھڪ ڪيو، محمد خان ابڙي جيڪو فيصلو ڪيو ان کي سنڌ سنگت ڪائونسل جي سڄي ھال اتفاق راء سان قبول ڪيو ۔ ھن سنگت کي ھڪ ڪرڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري تاريخ جي ذميداري کي پورو ڪيو ۔ اميد ته ايندڙ وقت ۾ سنگت جي گڏيل قيادت ايندي ، اسان ادارن جي اجازت سان سنڌي ادبي سنگت کي ھڪ ڪرڻ لاء ڳالھيون ڪيون ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته محمد خان ابڙي جو سنگت کي ھڪ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار آھي ، محمد خان ابڙي ٻوڏ ۾ متاثرين جي واھر لاء وڏو ڪردار ادا ڪيو اسان کي گھرجي ته پاڻ ۾ گڏجي ويھڻ واري سليقي کي سکون ، سنگت کي ھڪ ڪرڻ ۾ تاج جويي ، آزاد انور ، رمضان ، احمد ، يوسف جي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ماڻھو مري ويندو آھي ، ڪردار ناھي مرندو ۔ محمد خان ابڙي سنگت کي ھڪ ڪرڻ دوران وڏو ڀوڳيو ، سندس ڪردار تاريخ جو وڏو حصو آھي ، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ، سنڌي ٻولي سان ڪميٽيڊ ماڻھو سيڪريٽري جنرل طور اچڻ کپي ، تاج جويي تي تاريخ وڏي ذميواري رکي آھي ، محمد خان ابڙي سان سنگت کي ھڪ ڪرڻ تي پيار جو اظھار ڪيون ٿا تاريخ به سندس قدر ڪندي . سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ تضاد پراڻا آھن مون اداري جي حفاظت ڪئي پٿر ۽ ڪنڊا لڳا پر مون برداشت ڪيو ۔ زين شاھ به سنگت جي ٺاھ ۾ مخلص ھو ، سنگت ذھني فڪري مورچو آھي ، محمد خان سنگت جو ڏکيو مرحلو ٺاھي ويو ، مستقل لکڻ نھايت ڏکيو ڪم آھي ، محمد خان جنگ ۽ ڪاوش ۾ مستقل لکي پيو، ھن ڪچا پڪا ۽ پختا ليڪا پاتا آھن ۔ راشدي ، قليچ ، جمال ابڙي تي ڪم ناھي ٿيو، پر محمد خان ابڙي تي ڪتاب ۾ 41 مضمون ڪمال جا مضمون آھن ، پراڻا ڦٽ نه اکيڙجن ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته محمد خان ابڙي سنگت کي ھڪ ڪري تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي، ھو محبتن جو امين ، ناميارو ليکڪ ۽ ڪالم نويس آھي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو ٽٽڻ الميو ھو ، انا جي انگاس تي چڙھي نه بيھن کپي ، سنگت کي ھڪ ڪرڻ اسان سڀني جي خواھش ھئي ، محمد خان ابڙي سنگت کي ھڪ ڪيو ، سنگت ۾ قومپرست ۽ سيڪيولر ڪردار کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي ، ھاڻ سنگت کي نئين رت جي ضرورت آھي. نامياري شاعره زبيده ميتلو چيو ته محمد خان ابڙو چينج ميڪر آھي جيڪو چيلينج کڻي ٿو پورو ڪري ٿو، سنڌ ۾ ٻيو دفعو ايڏي وڏي پنڊال ۾ آئي آھيان ۔ محمد خان ابڙي سان سٺي واسطي ۾ آھيان ۔ محمد خان ابڙو مون وٽ انگلينڊ آيو ، مان نفسيات جي شاگرد آھيان ۔ محمد خان ابڙي جو برين ۽ رويو ڏاڍو ڦھليل آھي ، محمد خان ابڙو دنيا ۾ نه ھوندو ته ھن تي وڏو مطالعو ٿيندو ۽ سامھون ايندو، يوڪي ۾ ھزارين روپيا پئسا خرچ ڪندا آھن پر ھتي محمد خان ابڙو ڏسو مطمئن آھي ، نامياري شاعره گل بي بي شاھ چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ جڙيا آھيو ته مڪي وانگر جڙيل رھجو ، اسين سڀ سنڌ سان نڀائڻ ٿا چاھيون ، محمد خان ابڙي نيڪ نيتي سان سنڌي ادبي سنگت کي ھڪ ڪيو. تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي، حميد سبزوئي ، رکيل مورائي ، راز شر ، رسول بخش ٿيٻي ، رمضان ميمڻ ، خطائي ٿيٻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. مشھور راڳي علي مراد جتوئي شاھ جي وائي ٻڌائي ، فنڪار دانش منظور ٿھيم ترنم ۾ استاد بخاري جو ڪلام ٻڌايو ، چنگ نواز ولي محمد خاصخيلي ۽ ساٿين چنگ ٻڌائي داد ورتو ان کان ڪتاب اچو سورن واريون جو مھورت ڪيو ويو. تقريب ۾ اديبن شاعرن ۽ سڄاڻ ڌرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻ ڌرين محمد خان ابڙي ۽ شوڪت ميمڻ کي اجرڪن لنگين جا تحفا ڏنا.