شاھوڪار سنڌ کي ڪرپشن ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

شاھوڪار سنڌ کي ڪرپشن ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

شاھوڪار سنڌ کي ڪرپشن ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو

پنگريو/حيدرآباد (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پنگريو شھر جي برائٽ فيوچر ماڊل اسڪول ۾ سائنسي ميلي ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. پنگريو پھچڻ تي شھرين، واپارين، شاگردن، استاد گلن جي ورکا سان اياز لطيف پليجي جو استقبال ڪيو ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ شاھوڪار سنڌ کي ڪرپشن ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي شھرن جي اسڪولن جي بيٽ ۾ ٻھراڙي جي تعليم پٺتي پيل آهي، سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. دهشتگردي ۽ جهالت ايشيا جي معاشي ۽ سماجي قدرن کي تباھ ڪيو آھي. رواداري، برابري ۽ امن سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. سنڌ ۾ روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو نصاب جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. سعودي عرب ۽ نار جي تبديلين مان اسان کي سکڻ گهرجي. سنڌ جو عوام هاڻي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف اٿي کڙو ٿئي. سنڌ پندرهن سالن کان سخت محرومي جو شڪار آهي. قبائلي جھيڙن ۽ لاقانونيت ۾ اھل اقتدار ملوث آهن. ملڪ گورننس ۽ عوامي سهولتن جو بحران آهي. شاگردن کي سپر نيچرل ڳالھين مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا مان آڻڻو پوندو. ملڪ ۾ لاقانونيت، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي تي سخت ڳڻتي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ نياڻين جي تعليم سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگھي ٿي، پيپلز پارٽي جي 15 سالا ڪاري دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن گاھ بڻايو ويو. لکين ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا، 6 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. پرائمري تعليم کي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ بدين تيل، گيس ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ ضلعو آهي پر بدين ضلعي جو عوام سڀ کان وڌيڪ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جنهن علائقي مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيا ويا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ بدين ضلعي ۾ منشيات جو زھر نوجوان نسل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت وٽ منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي بحالي جو ڪو بہ منصوبو ناھي۔ اھڙي ڪا اسپتال ناھي جتي منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي صحت کي بھتر ڪري سگھجي ۽ انھن جي ذھني تربيت ڪري سگھجي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس، ايڪسائيز ۽ اينٽي نارڪو ٽڪس جي سرپرستي جي ڪري منشيات جو انسان دشمن ڪاروبار عروج تي پھتل آھي. گٽڪو، سفينا چرس، ھيروئن، آفيم ۽ ٻي منشيات بدين ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ ملي رھي آھي۔ منشيات جو سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار جي ڪري اھي نوجوان جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ٿي سگھيا ٿي، اھي ٻين لاء عبرت جو نشان بنجي رھيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومتن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي وئي، بدين ضلعي ۾ ھڪ بہ اھڙي يونين ڪائونسل ناھي جيڪا ماڊل ھجي جنهن ۾ سموريون بنيادي سھولتون ھجن، ماڻھن کي گٽر مليل پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٿو. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن.