English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ جھمپير جي ڳوٺ علي محمد جانوري واسين جو احتجاج
144 views
|
18th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ جھمپير جي ڳوٺ علي محمد جانوري واسين جو احتجاج
ٺٽو(ڊ ر) جهمپير ڪوهستان جي ڳوٺ علي محمد جانوري جي رهواسين علي محمد جانوري حاڪم علي جانوري معشوق علي جانوري ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جهمپير ٿاڻي جي پوليس بااثرن جي چرچ تي سندن خلاف بلاجواز رڻ ٻاري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جانوري برادري جي ماڻهن چيو ته جهمپير ۾ هو سوين سالن کان آباد آهن جتي هنن جو ڳوٺ ۽ زمينون آهن جن تي ڪجھ مقامي بااثر ماڻهن سان هنن جو تڪرار آهي جنهن ڪري جهمپير پوليس بااثرن جي ونگار وهندي تازو گذريل ٻه ڏينهن اڳ جهمپير شهر ۾ هوٽل تي ويٺل سندن نوجوان اشرف جانوري کي جهمپير ٿاڻي جي پوليس ڌاڙيلن جيان کنڀي کڻي وئي هئي جنهن جي آزادي لا۽ جهمپير پوليس وارثن کان ٻه لک رشوت گهري پر هنن وٽ ٻه لک نه هئا جنهن سبب پوليس سندن نوجوان اشرف جانوري پرتشدد ڪري سندس مٿان موٽرسائيڪل چوري جي بلاجواز ايف آئي آر ڪري ڇڏي آهي جيڪا سراسر ڪوڙي ايف آئي آر داخل ٿي آهي پوليس بنا موٽرسائيڪل رڪور ڪرڻ جي سندن نوجوان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي جڏهن ته ان کان پهرين به جهمپير پوليس هنن جي ماڻهن مٿان بلاجواز ٽي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا جيڪي عدالتن ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن هنن چيو ته جهمپير پوليس سراسر بااثرن جي چرچ تي انتقامي ڪاروائين جي بنيادن تي سندن مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جانوري برادري جي ماڻهن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ٺٽو سميت چيف جسٽس سنڌ ها۽ ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺي جهمپير پوليس طرفان داخل ڪيل ڪيسن جي انڪوائري ڪرائي ساڻن انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي
جهمپير ڪوهستان
ڳوٺ علي محمد جانوري
0 تبصرے